Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

پياري آقا جي پياري دوست جي 7 خوبين مان ستين خوبي هي آهي: وَكَانَ رِزْقُهُ كَفَافًا فَصَبَرَ عَلَى ذَلِكَ  بقدرِ ڪفايت روزي تي صبر ڪرڻ وارو هجي.

 يعني الله پاڪ ان کي جيترو رزق ڏنو آهي، اُن تي قناعت ڪرڻ وارو هجي، اُن تي خوش رهڻ ۽ الله پاڪ جي رضا تي راضي رهڻ وارو هجي.

خُدا! تجھ سے تیری وِلا مانگتا ہوں                                                         میں عشقِ شہِ اَنْبِیا مانگتا ہوں

اِلہٰی! نہیں مانگتا مال و دولت                                                                          فَقَط تجھ سے تیری رِضا مانگتا ہوں([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

جيڪو ٿوري رزق تي راضي رهي...!!

مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي ته الله پاڪ   جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو:

مَنْ رَضِيَ مِنَ الله بِالْيَسِيرِ مِنَ الرِّزْقِ رَضِيَ الله مِنْهُ بِالْقَلِيلِ مِنَ الْعَمَلِ

يعني جيڪو الله پاڪ جي ٿوري رزق تي راضي ٿي ويندو، الله پاڪ ان جي ٿوري عمل تي راضي ٿي ويندو.[2]

حڪيم الاُمّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديث پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: جيڪڏهن توهان معمولي روزي حاصل ڪري گهڻو شڪر ڪيو ته الله پاڪ توهان جي معمولي اعمال جي گهڻي قدر فرمائيندو.[3]


 

 



[1]...وسائلِ فردوس، صفحہ:1۔

[2] الآداب للبيهقي،باب فی فضل الصبروانتظار الفرج، صفحہ:307، حدیث:934۔

[3] مرآۃ المناجیح، جلد:7، صفحہ:84۔