Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

پاڪ جي نافرماني کان حياء ڪندا هئاسين ۽ (2) اسان الله پاڪ جي عطا ڪيل ٿوري رزق تي راضي رهندا هئاسين.[1]

تاج وتخت وحکومت مت دے                                                                           کثرتِ مال و دولت مت دے

اپنی رِضا کا دیدے مُژدہ                                                                                                                           یااللہ! مِری جھولی بھر دے ([2])

 

   اي عاشقانِ رسول! جيڪو الله پاڪ جي ڏنل ٿوري رزق تي راضي ٿيندو، الله پاڪ ان جي ٿوري عمل تي راضي ٿيندو، جيڪي ربّ جي ٿوري رزق تي راضي رهندا اهي پنهنجي قبرن مان اڏامي ڪري جنت ۾ هليا ويندا. نه اهي محشر جي ميدان جو رُخ ڪندا، نه اعمالناما سندن هٿن ۾ ڏنا ويندا، نه حساب ڪتاب جو معاملو ٿيندو، نه پلصراط تان گذرڻو پوندو جيڪا وار کان وڌيڪ سنهي ۽ تلوار کان وڌيڪ تيز آهي. اندازو لڳايو! اهي ڪيترا خوش قسمت هوندا، جيڪي انهن مرحلن کان بچندي پنهنجي قبرن مان اڏامي ڪري جنت ۾ هليا ويندا. ڪاش! اسان به الله پاڪ جي ڏنل ٿوري رزق تي راضي ٿي وڃون.

بيان جو خلاصو

 پيارا اسلامي ڀائرو! خلاصو هي آهي ته جنهن ٻانهي ۾ 7 خوبيون هجن، ان کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو تمام پيارو ۽ قابِل رشڪ دوست فرمايو آهي. (1) ٻانهو مومن هجي (2) ٿوري سامان وارو هجي (3): ڪثرت سان نمازون پڙهڻ وارو هجي (4) الله پاڪ جي عبادت چڱي طرح ڪرڻ وارو هجي (5) تنهائي ۾ به گناهن کان بچي ۽ الله پاڪ جي فرمانبرداري ڪرڻ وارو هجي (6) گمنام هجي (7) ۽ جيترو ان کي رزق ڏنو ويو، اُن تي راضي رهڻ وارو هجي.

 الله پاڪ اسان سڀني کي هي 7 پياريون پياريون خوبيون اپنائڻ جي توفيق


 

 



[1] ترمذی، کتاب الزہد، باب ماجاء فی الکفاف و الصبر علیہ، صفحہ:561، حدیث:2349مفہوماً۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:123۔