Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمفرمايو آهي: اِنَّ اَغْبَطَ اَوْلِیَائِی هاڻي هن جو مطلب هي بڻبو ته هڪ آهن: عام مسلمان. اهي به پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تمام گهڻا پيارا آهن، پوءِ آهن نيڪ مسلمان، جيڪي نيڪيون ڪندا آهن، گناهن کان بچندا آهن، رسولِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمجي رضا وارا ڪم ڪندا آهن، اهڙن نيڪ ماڻهن ۾ اهو ٻانهو جيڪو هي 7 خوبيون اپنائي، پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي بلند اخلاق ۽ اعليٰ ڪردار سان  گهڻو خوش به ٿيندا آهن، ان کي نهايت عزيز به رکندا آهن ۽ اهڙي ٻانهي کي پنهنجو نهايت ئي پيارو دوست به قرار ڏيندا آهن[1]

 پياري آقا جي دوست جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان سڀني جا آقا آهن، تمام اُمَّت جا آقا آهن بلڪ تمام جهانن جا آقا  آهن، اسان سڀئي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا غلام آهيون، جيڪڏهن پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن کي دوست فرمائن ٿا ته هي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تمام وڏي ڪرم نوازي آهي. هاڻي هتي ڏسڻو اهو آهي ته جنهن کي نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  پنهنجو دوست قرار ڏين، ان جو شان ڇا هوندو؟ عالم سڳورا فرمائن ٿا: جنهن کي رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو دوست بڻائن، اُن کي الله پاڪ پنهنجو وَلِي بڻائيندو آهي [2] ۽ جنهن کي الله پاڪ پنهنجو ولي بڻائي، ان جو شان هي آهي جو فرمايائون:  

اَلَاۤ اِنَّ اَوْلِیَآءَ اللّٰہِ لَا خَوْفٌ عَلَیْہِمْ وَ لَا  ھُمْ  یَحْزَنُوْنَ (ۚۖ۶۲)

ترجَمو ڪنزالايمان: ٻُڌو بيشڪ الله جي وليُن تي نه ڪجهه خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ٿيندا.


 

 



[1] عُقودُ الزَّبَرْجَد على مُسْند الإِمَام أَحْمد، جلد:2، صفحہ:266، حدیث:959 بتصرف۔

[2] رسائل ابن رجب حنبلی، شرح حدیث ان اغبط اولیائی، جلد:2، صفحہ:743۔