Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

* فرض علوم به ٻڌايا ويندا آهن * سنتون ۽ آداب به سيکاريا ويندا آهن ۽
* ترجمو ۽ تفسير ٻڌڻ جو به موقعو ملندو آهي* اوهان به ان ۾ شرڪت ڪيو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ ساريون برڪتون ملنديون.

فيشن ڪندڙ جي زندگي ۾ بهار اچي وئي

  آفندي ٽائون (حيدرآباد، اندروني سنڌ، پاڪستان)  جي رهاڪو هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي: آئون هڪ فيشن پرست (Fashionable) نوجوان هئس، دُنيا جي موج مستي ۾ گُم، پنهنجي آخرت جي اَنۡجام کان غافل زندگي جا ڏينهن گذاري رهيو هيس منهنجي گناھن ڀري زندگي ۾ بهار هيئن آئي جو مون کي مَدرَسةُ المدينه بالغان ۾ داخلا جي سعادت ملي وئي، پوءِ بَس منهنجي ته خوش بختي جي سفر جو آغاز ٿي ويو. مَدرَسَةُ المدينه بالغان جي برڪتن منهنجي دل جي اونداھ کي خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چراغ سان مُنوَّر ڪري ڇڏيو۔ ان ۾ مون کي قرآنِ ڪريم جي تعليم سان گڏوگڏ سُنتن تي عمل جو جذبو به مليو ۽ ہفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت به نصيب ٿي.اَلْـحَمْـدُلـِلّٰـه! مدرسةُ المدينه بالغان ۾ پڙهڻ جي برڪت سان منهنجي زندگي ۾ مدني بہار اچي وئي، فيشن اپنائڻ ۽ موج مستي کان نجات حاصل ٿي وئي.

ترا  شکر مولیٰ دیا مدنی ماحول

دعا ہے یہ تجھ سے دل ایسا لگا دے                                  نہ چُھوٹے کبھی بھی خدا مدنی ماحول

نہ چُھوٹے کبھی بھی خدا مَدنی ماحول

(وسائلِ بخشش،صفحہ: 647-648)

نيڪ اعمال موبائل ايپلي ڪيشن

       پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ اعمال ۾ اضافي جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي،