Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

سُبْحٰنَ اللہ! هي رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دوست جي شان آهي، جيڪو پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دوست آهي اهو الله پاڪ جو به پيارو آهي ۽ جيڪو الله پاڪ جو پيارو هجي، ان جو ڇا شان هوندو آهي....؟ حديثن ۾ روايتن ۾ آيو آهي ته جيڪو الله جو وَلِي هجي،  الله پاڪ ان جي خصوصي مدد فرمائيندو آهي*  جيڪو الله پاڪ جو دوست هجي، الله پاڪ ان کي گناهن کان محفوظ رکندو آهي* جيڪو الله پاڪ جو دوست هجي، ان کي دنيا جي محبت کان بچايو ويندو آهي* جيڪو الله پاڪ جو دوست هجي، اهو ربّ پاڪ کان پناھ گهري ته پناھ بخشي ويندي آهي* جيڪو الله پاڪ جو دوست هجي، ربّ ڪريم ان جي چاهت کي ردّ ناهي فرمائيندو* الله پاڪ جو وَلِي جيڪو گهري، اهو عطا ڪيو ويندو آهي* الله پاڪ پنهنجي ولي، پنهنجي دوست جي دعا پوري ڪرڻ ۾ جلدي فرمائيندو آهي. *انتقال جي وقت ان جي ايمان جي حفاظت ڪئي ويندي آهي * ۽ ان خوشنصيب کي شيطان جي چالن کان محفوظ رکيو ويندو آهي.[1]

اللہ کا محبوب بنے جو تمہیں چاہے

اس کا تو  بیاں  ہی  نہیں  کچھ  تم  جسے  چاہو([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 

7 پاڪيزه خوبيون

پيارا اسلامي ڀائرو! حديث پاڪ ۾ ڪُل 7 خوبيون بيان ٿيون، جن کي اپنائي ڪري اسان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي تمام ويجهو ۽ گهڻو پيارا بڻجڻ جو شرف حاصل ڪري سگهون ٿا. اچو! 7 خوبين جي وضاحت ٻڌون ٿا:

(1)  ايمان


 

 



[1] اولیاء اللہ کی خدا داد جلالت و عظمت، صفحہ:266-281 ملتقطاً۔

[2]... ذوقِ نعت، صفحہ:206۔