Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

حضرت ابواُمامه باهلي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ عالمِ دين به هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو معمول هيو ته ماڻهن کي جمع ڪري پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جون پياريون پياريون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو حُليو مبارڪ بيان ڪري دلين ۾ مَحبّتِ رسول وڌائيندا هئا.[1]  هڪ تمام پياري حديث پاڪ آهي جيڪا حضرت ابواُمامه باهلي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ روايت ڪئي آهي، اَڄ اسان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اها حديث پاڪ ۽ ان جي وضاحت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.

پياري آقا جو پيارو دوست

          ترمذي شريف ۾ آهي، حضرت ابواُمامه باهِلي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِنَّ اَغْبَطَ اَوْلِیَائِی عِنْدِی بيشڪ منهنجي ويجهو منهنجي دوستن ۾ سڀ کان وڌيڪ قابلِ رشڪ دوست اهو آهي (جنهن ۾ هي خوبيون هجن): (1) لَمُؤْمِنٌ مؤمن هجي (2) خَفِيفُ الْحَاذِ گهٽ سامان وارو هجي (3) ذُو حَظٍّ مِنَ الصَّلَاةِ ڪثرت سان نماز پڙهڻ وارو هجي. (4) اَحْسَنَ عِبَادَةَ رَبِّهِ پنهنجي ربّ جي چڱي طرح عبادت ڪرڻ وارو هجي (5) وَاَطَاعَهُ فِي السِّرِّ تنهائي ۾ الله پاڪ جي فرمانبرداري ڪرڻ وارو هجي (6) وَكَانَ غَامِضًا فِي النَّاسِ لَا يُشَارُ اِلَيْهِ بِالْاَصَابِعِ ماڻهن ۾ لڪيل هجي، ان جي طرف آڱرين سان اشارا نه ڪيا ويندا هجن ۽ (7) وَكَانَ رِزْقُهُ كَفَافًا فَصَبَرَ عَلَى ذَلِكَ اُن جو رزق (يعني آمدني)  بقدرِ ڪفايت هجي ۽ هُو ان تي صبر ڪندو هجي.[2]

ان جو ته شان ئي نرالو آهي جنهن کي اوهان پسند ڪيو


 

 



[1] تاریخ مدینہ دمشق،باب صفۃ خلقہ و معرفۃ خلقہ،  جلد:3، صفحہ:300خلاصۃً۔

[2] ترمذی، کتاب الزہد، باب ما جاء فی الکفاف والصبر علیہ، صفحہ:561، حدیث:2347۔