Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اهي نالائق ماڻهو آيا جن نمازون ضايع ڪيون ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا سو عنقريب اهي جهنّم جي خوفناڪ واديءِ غَي سان ملندا.

پڑھتے رہو نماز تو جنت کو پاؤ گے                                                           چھوڑو گے گر نماز جہنم میں جاؤ گے

بے نمازی کی نحوست ہے بڑی                                                          مر کے پائے گا سزا بے حد کڑی

نفل نمازن جا فضائل

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته نماز کان محبَّت ڪيون، نماز اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي اکين جي ٿڌاڻ آهي. ڀلا اهو ڪهڙو عاشق رسول هوندو جيڪو پنهنجي محبوب جي اکين کي ٿڌاڻ نه پهچائڻ چاهي؟ اهو ڪهڙو عاشق رسول هوندو جيڪو نماز کان نٽائي ڪري، نماز ڄاڻي واڻي قضا ڪري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي دل آزاري جو سبب بڻجڻ چاهي؟ يقيناً ايئن ڪوبه نه چاهيندو. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته پنج ئي نمازون، مسجد ۾، تڪبيرِ اوليٰ سان باجماعت پڙهڻ جي عادت بڻايون، پوءِ ان سان گڏوگڏ نفل نمازون به پڙهو. * ترمذي شريف جي حديث مبارڪه ۾ آهي: جيڪو فجر جي نماز باجماعت ادا ڪري ۽ پوءِ ذڪر الله ڪندو رهي ايستائين جو سج نڪري وڃي پوءِ 2 رڪعتون پڙهي ته ان کي پوري حج ۽ عمري جو ثواب ملندو.[1] * الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو فرمان آهي: جيڪو چاشت جون 2 رڪعتون پابندي سان ادا ڪندو رهي ان جا گناھ مُعاف ڪيا ويندا جيتوڻيڪ سمنڊ جي جهڳ جي برابر هجن.[2] * ابن ماجه جي حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو مغرب کان پوءِ 6 رڪعتون اهڙي طرح ادا ڪري جو ان جي وچ ۾ ڪا بُري ڳالھ نه چئي ته هي 6 رڪعتون ان جي لاءِ 12 سال جي عبادت جي برابر هونديون. * مسلم شريف جي حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو


 

 



[1] ترمذی، کتاب ابواب ما جاء فی سجود، باب ما ذکر مما یستحب...الخ، صفحہ:171، حدیث:586۔

[2] ابن ماجہ، کتاب اقامۃ الصلاۃ والسنۃ فیہا، باب ما جاء فی صلاۃ الضحی، صفحہ:223، حدیث:1382۔