Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

شخص وضو ڪري ۽ چڱي طرح وضُو ڪري ۽ ظاهر ۽ باطن سان متوجھ ٿي ڪري 2 رڪعتون پڙهي ان جي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي آهي.[1]

ہر عبادت سے بَرتَر عبادت نَماز                                                                       ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ                             قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نَماز

بھائیو! گر خُدا کی رِضا چاہئے                                                                                                   آپ پڑھتے رہیں باجماعت نَماز([2])

 

ڪثرت سان نماز  پڙهڻ وارن جا واقعا

*حضرت عبدالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُما سڄي رات نمازون پڙهندا هئا، ايستائين جو کين سحري جي وقت جو به علم نه ٿيندو هو، پنهنجي غلام کان پڇندا هئا: ڇا سحري جو وقت ٿي ويو؟ اهو عرض ڪندو هو: نه پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ وري نماز ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. *مسلمانن جا ٽيان خليفه حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنْهُ مسلسل روزا رکندا هئا ۽ رات جي ابتدائي حصي ۾ ڪجھ دير آرام ڪندا پوءِ سڄي رات عبادت ۾ گذاري ڇڏيندا هئا.[3] * حضرت عبدالعزيز بن روَّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رات جو سمهڻ جي لاءِ پنهنجي بستر تي ايندا هئا ۽ اُن تي هٿ ڦيري چوندا هئا: تون نهايت نرم ۽ عمده آهين پر الله پاڪ جو قسم! جنت جو بستر توکان وڌيڪ نرم هوندو پوءِ سڄي رات نماز پڙهندا رهندا هئا.[4] حضرت عَمۡروۡ بن عُتبه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه روزانو رات جو پنهنجي گهران نڪري قبرستان ايندا ۽ چوندا هئا: اي قبر وارؤ! اعمالناما ويڙها ويا ۽ اعمالناما کنيا ويا.  پوءِ قدم سڌا ڪري سڄي رات نماز پڙهندا هئا پوءِ واپس اچي ڪري فجر جي نماز ۾ حاضر ٿي ويندا هئا.[5]


 

 



[1] مسلم، کتاب الطہارۃ، باب الذکرالمستحب عقب الوضوء، صفحہ:109، حدیث:234۔

[2]...وسائل فردوس، صفحہ:22ملتقطاً۔

[3] مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب صلاۃ التطوع، من کان یامر بقیام اللیل، جلد:2، صفحہ:173، حدیث:6۔

[4] المتجر الرابح فی ثواب العمل الصالح، صفحہ:185۔

[5] المتجر الرابح فی ثواب العمل الصالح، صفحہ:186۔