Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

الله پاڪ اسان کي به نماز جو شوق نصيب فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

میں ساتھ جماعت کے پڑھوں ساری نَمازیں                 اللہ! عبادت میں مِرے دل کو لگا دے([1])

  

(4) چڱي طرح عبادت ڪرڻ وارو هجي

 اي عاشقانِ رسول! پياري آقا جي پياري دوست جي 7 خوبين مان چوٿين خوبي آهي: اَحْسَنَ عِبَادَةَ رَبِّهِ يعني پنهنجي ربّ جي چڱي طرح عبادت ڪرڻ وارو هجي. يعني ٻانهو جڏهن عبادت ڪري ته *فرائض* واجبن * سنتن *  مستحبن وغيره جو لحاظ رکي ڪري * خوب چڱي طرح * خشوع و خضوع سان * اخلاص سان * صرف وصرف الله پاڪ جي رضا جي نيت سان عبادت ڪري. جيڪو ايئن ڪري، اهو خوش نصيب پياري آقا جو پيارو دوست آهي.

عبادت جا ڪجھ حق

هي به نهايت پياري خوبي آهي. اڄڪلھ هن حوالي سان به حالات رڳو اهڙائي آهن. اَوَّل ته عبادت جو رُجحان نه هجڻ جي برابر آهي. وري جيڪڏهن عبادت ڪندا به آهن ته ان جي حقن جو لحاظ تمام گهٽ ماڻهو ڪري سگهندا آهن. پوري اطمينان سان عبادت ناهن ڪري سگهندا* جيئن ئي عبادت شروع ڪئي. ڪم ياد اچي ويندا آهن. * جلدي لڳي ويندي آهي * ٻيو ڪجھ نه هجي ته فون جي گهنٽي وڄڻ لڳندي آهي ۽ تَوَجُّه هٽي ويندي آهي. * پوءِ عبادت جي فرضن ۽ واجبن ۽ سنتن وغيره جي معلومات به تقريبن نه هجڻ جي برابر آهي * تلاوت ڪندا آهن ته مخارج سهي ناهن، فرض حد تائين جي به تجويد ناهي ايندي* نماز جا فرض ڪيترا آهن، واجبات ڪيترا آهن، سنتون ڪيتريون آهن،


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:114۔