Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻو علم دين سکڻ جي لاءِ ملندو.

میراہرعمل بس تیرے واسطے ہو                                            کر اخلاص ایسا عطا یا الہٰی!

بنادے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ                                               گناہوں سے ہردم بچا یاالٰہی!

عبادت میں گزرے مری زندگانی                                            کرم ہو کرم یاخدا! یاالٰہی!([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

(5) تنهائي ۾ به پنهنجي ربّ جي فرمانبرداري ڪرڻ وارو هجي

پياري آقا جي پياري دوست جي 7 خوبين مان پنجين خوبي هي آهي: وَأَطَاعَهُ فِي السِّرِّ  يعني تنهائي ۾ به پنهنجي ربّ جي فرمانبرداري ڪرڻ وارو هجي.

پيارا اسلامي ڀائرو!  ڏٺو وڃي! ته انسان کي انسان کان تمام گهڻو خوف ٿئي ٿو، مثلاً والدين يا استادن جي سامهون گار ڏيندي به ڊڄندا آهيون پر افسوس! الله پاڪ کان جيئن ڊڄڻ جو حق آهي ائين اسان نٿا ڊڄون، جيڪڏهن ڪو رُعبدار شخص سامهون موجود هجي ته اُن کان ايترو ڊڄندا آهيون جو آواز تائين ناهي نڪرندو، ان کان عاجزي سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون پر الله پاڪ ڏسي رهيو آهي، ان جو احساس تمام گهٽ هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو تنهائي ۾ گناهن کان بچڻ تمام مشڪل ٿي ويندو آهي.

ڪاش! اسان کي الله پاڪ کان ڊڄڻ ۽ ان سان حيا ڪرڻ نصيب ٿي وڃي. روايتن ۾ آهي: هڪ ڀيرو هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي نصيحت ڪيو! رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ کان ايئن حياء ڪر


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:105۔