Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

ٻڌايو * جيڪو حديث پاڪ ۾ آيو * جيڪو صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان * اولياءِ ڪرام *  غوث پاڪ *  داتا حضور * اعلي حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم اسان کي سيکاريو، پوءِ انهن عقيدن تي اسان جون اکيون بند آهن. ڪا ڳالھ اسان جي عقل ۾ نٿي اچي ته اهو اسان جي عقل جو قصور آهي، جيڪو اسان کي نظر نٿو اچي، ان ۾ اسان جي اک جو قصور آهي، منهنجي ربّ جو قرآن به سچو، ان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان به سچو....!! بس اسان انهيءَ کي مڃون ٿا.

ٻڪري جون ڄنگهون

  حضرت ابوعُبيده رَضِىَ اللهُ عَنْهُ صحابي رسول آهن، هڪ ڀيرو انهن الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دعوت ڪئي، ٻڪري جو گوشت تيار ڪرايو.  جڏهن کاڌو شروع ٿيو ته سرڪارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: نَاوِلْنِیْ ذِرَاعَہَا مون کي هن جي اڳئين ڄنگھ جو گوشت ڏيو! نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کي اڳئين ڄنگھ جو گوشت پسند هو. حضرت ابوعُبيده رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اڳئين ڄنگھ پيش ڪئي. ڪجھ دير کان پوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  وري فرمايو: نَاوِلْنِی الذِّرَاعَ مون کي هن جي اڳئين ڄنگھ جو گوشت ڏيو. حضرت ابوعُبيده رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ٻي ڄنگهه به پيش ڪئي. پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وري فرمايو: نَاوِلْنِی الذِّرَاعَ  مون کي هن جي اڳئين ڄنگھ جو گوشت ڏيو. حضرت ابوعُبيده رَضِىَ اللهُ عَنْهُ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ٻڪريءَ جون ڪيتريون اڳيون ڄنگهون هونديون آهن؟ (يعني هڪ ٻڪري جون اڳيون ڄنگهون ٻه ئي هونديون آهن ۽ ٻه مان ڏئي چڪو آهيان). ان تي الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اُن ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي! جيڪڏهن توهان خاموش رهو ها ته جيستائين مان گهرندو رهان هان، توهان ٻڪري جي اڳئين ڄنگهه مون کي ڏيندا رهو ها، ٻڪري جون اڳيون ڄنگهون ڪڏهن ختم نه ٿين ها.[1]

هتي ڏسو! صحابي رسول جي ڪهڙي پياري تربيت ڪئي وئي آهي. ٻڪريءَ


 

 



[1] سنن دارمی، مقدمہ، باب ما اکرم بہ...الخ، صفحہ:40، حدیث:45۔