Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

تاج وتخت وحکومت مت دے                                                                کثرتِ مال و دولت مت دے

اپنی رِضا کا دیدے مُژدہ                                                                                                                یااللہ! مِری جھولی بھر دے([1])

الله پاڪ جي رضا تي راضي رهڻ وارن جي لاءِ خوشخبري

   الله پاڪ جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: طُوۡبٰی لِمَنۡ ھُدِیَ لِلۡاِسۡلَامِ وَكَانَ عَيْشُهُ كَفَافًا، وَقَنَعَ يعني خوشخبري آهي ان جي لاءِ جنهن کي اسلام جي هدايت ڏني وئي، ۽ ان جي آمدني گذر بسر ڪرڻ جيتري هجي ۽ اهو ان تي قناعت ڪري.[2]

ٿوري رزق تي راضي رهڻ وارن جو مقام

 هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته الله پاڪ منهنجي اُمّت جي هڪ جماعت کي پَر عطا فرمائيندو، جن جي ذريعي اهي پنهنجي قبرن مان اڏامي ڪري جنّت ۾ هليا ويندا ۽ اُتي جيئن چاهيندا لطف اندوز ٿيندا. ملائڪ انهن کان پڇندا: ڇا توهان حساب ڏئي چڪا آهيو؟ اهي چوندا: اسان حساب ناهي ڏنو. ملائڪ وري پڇندا: ڇا توهان پلصراط تان گذري چڪا آهيو؟ اهي جواب ڏيندا: اسان پلصراط ناهي ڏٺو. وري ملائڪ پڇندا: ڇا توهان جهنم کي ڏٺو؟ اهي چوندا: اسان ڪنهن شي کي ناهي ڏٺو. تڏهن ملائڪ انهن کي چوندا: توهان ڪنهن جي اُمت مان آهيو؟ اهي خوش نصيب جنتي چوندا: اسان امام الانبياء، حضرت محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اُمَّتي آهيون، ملائڪ چوندا: اسان توهان کي الله پاڪ جو قسم ڏيون ٿا، ٻڌايو دنيا ۾ توهان جا ڪهڙا عمل هئا؟ اهي جواب ڏيندا: اسان جون 2 عادتون هيون، جنهن جي ڪري اسان الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان هن مرتبي تي پهتاسين، (1) اسان  تنهائي ۾ به الله


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:123۔

[2] ترمذی، کتاب الزہد، باب ماجاء فی الکفاف و الصبر علیہ، صفحہ:561، حدیث:2349مفہوماً۔