Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

وضاحت: اي گناھ ڪرڻ وارا!  تو ماڻهن کان ته پنهنجا گناھ لڪائي ورتا پر اهو ويساري ويٺين ته جنهن ربّ جون تو نافرمانيون ڪيون آهن. اهو تنهنجي هنن ڪمن کان واقف آهي، هاڻي غور ڪر تنهنجو محشر ۾ ڇا ٿيندو، اي غفلت ۾ پيل مجرم! هوش ڪر! تنهنجي مٿي تي هر وقت موت جي تلوار لٽڪيل آهي، خدا کان ڊڄ! گناهن کان ڪنارو ڪر، جيڪڏهن تون لاپرواهي کان گناھن ڀري زندگي گذاري ڪري مري وئين ته تنهنجو ڇا بڻبو؟

صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

(6) ماڻهن ۾ گمنام(جنهن کي ڪير نه سڃاڻندو) هجي

پياري آقا جي پياري دوست جي 7 خوبين مان ڇهين خوبي آهي:

وَكَانَ غَامِضًا فِي النَّاسِ لَا يُشَارُ اِلَيْهِ بِالْاَصَابِعِ

اهو ماڻهن ۾ لڪيل هجي، ماڻهو ان جي طرف آڱرين سان اشارا نه ڪن.

     انهيءَ مفهوم جي هڪ حديث شريف جي حوالي سان حڪيم الاُمت، مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: يعني دنياوي ڪمالات، دولت، طاقت ۾ ايئن ئي ديني ڪمالات مثلاً علم، عبادت، رياضت ۾ ان جي شهرت نه هجي جو عوام جي لاءِ شهرت خطرناڪ ئي آهي، ان سان عموماً دل ۾ غرور، تڪبر پيدا ٿي ويندو آهي، اهڙي طرح شهرت کان گمنامي چڱي آهي، ها! ڪجھ ٻانها اهڙا به آهن جو اُهي شهرت سان متڪبر ناهن ٿيندا. اهي سمجهندا آهن ته نيڪ نامي ۽ بدنامي الله پاڪ جي قبضي ۾ آهي، ماڻهن جو ڪو اعتبار ناهي، انهن کي زندھ باد ۽ مرده باد جا نعرا لڳائيندي دير ناهي لڳندي.[1]

الله پاڪ گمنام ٻانهن کان به محبت فرمائيندو آهي


 

 



[1] مرآۃ المناجیح، جلد:7، صفحہ:136۔