Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

(3) ڪثرت سان نماز پڙهڻ وارو

پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا جي پياري دوست جي 7 خوبين مان ٽين خوبي آهي:  ذُو حَظٍّ مِنَ الصَّلَاةِ يعني ڪثرت سان نماز پڙهڻ وارو هجي.

يعني 5 نمازون جيڪي روزانو جون فرض آهن، اُهي ته پڙهڻيون ئي پڙهڻيون آهن، ان سان گڏوگڏ انسان نفل نمازن جي ڪثرت ڪرڻ وارو هجي* تهجد گذار هجي * اشراق * چاشت * ۽ اَوَّابين جا نفل پڙهندو هجي * رات جو به نفل پڙهڻ جو عادي هجي، اهڙو جيڪو خوش نصيب آهي، ان جي باري ۾ رسولِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هي منهنجي دوستن ۾ قابلِ رشڪ دوست آهي.

هر حالت ۾ فرض نماز قائم ڪيو

الله اڪبر! ڇا شان آهي نفل نماز جي ڪثرت ڪرڻ وارن جي....!! ڪاش! اسان کي به اهڙي توفيق نصيب ٿي وڃي. افسوس! اسان جو ته حال اهو آهي جو فرض نمازون به نهايت مشڪل سان پوريون ٿين ٿيون. ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي نماز نٿا پڙهن، نماز قضا ڪري ويهندا آهن، جيڪي پڙهڻ وارا آهن، انهن ۾ پنج ئي نمازن جا پابند تمام گهٽ ملندا. *ڪڏهن 2 پڙهي ورتيون * ڪڏهن 4 پڙهيون * فجر ۾ اک کُلي ته ٺيڪ، نه ته فجر به قضا *  ظهر ۽ عصر ۾ ڪم ۾ مصروف هئا، لهٰذا وقت نه مليو ۽ نماز قضا ڪري وڌي...!! هي ڪيتري افسوس جي ڳالھ آهي، انسان کي پنهنجي ربَّ جي حضور حاضري جو وقت ناهي ملي رهيو...!! الله پاڪ اسان جي حالت تي رحم فرمائي. ياد رکو! ڄاڻي واڻي هڪ وقت جي نماز ڇڏڻ حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو.

فَخَلَفَ مِنْۢ بَعْدِہِمْ خَلْفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوۃَ وَ اتَّبَعُوا الشَّہَوٰتِ فَسَوْفَ یَلْقَوْنَ  غَیًّا (ۙ۵۹)

(سيپارو: 16، سورة مريم: 59)