Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث شريف ۾ 7 خوبيون بيان ڪيون ويون آهن ۽ دلچسپ ۽ ايمان واري ڳالھ اها آهي ته هي خوبيون آهن ڪنهن جون ؟ فرمايائون: اِنَّ اَغْبَطَ اَوْلِيَائِي عِنْدِي يعني هي 7 خوبيون جنهن ۾ هونديون، اهو اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي دوستن مان آهي ۽ نه صرف دوست آهي بلڪ سڀني دوستن ۾ وڌيڪ قابلِ رشڪ دوست آهي.

سُبْحٰنَ اللہ!  ڪيتري نرالي فضيلت آهي! * ڪجھ ڪم هوندا آهن جن تي جنت جي خوشخبري ڏني ويندي آهي. * ڪجھ ڪم اهي آهن، جن ۾ جهنم کان آزادي جي خوشخبري ٻڌائي ويندي آهي.  * ڪجھ اهي ڪم آهي جن جي باري ۾ فرمايو ويندو آهي ته جيڪو ٻانهو هي ڪم ڪندو، اهو پلصراط تان سلامتي سان گذري ويندو* ڪنهن ڪم تي قبر جي عذاب کان ڇوٽڪاري جي بشارت هوندي آهي پر قربان وڃو! ان شخص جي خوش نصيبي تي جنهن ۾ هي 7 خوبيون هونديون. اهو ايترو بلند رتبو آهي جو اُن کي مالڪِ جنت، قاسمِ نعمت، محبوب ربُّ العزت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجو سڀني کان قابلِ رشڪ دوست فرمايو آهي.

اللہ کا محبوب بنے جو تمھیں چاہے                                                                           اس کا تو بیاں ہی نہیں کچھ تم جسے چاہو([1])

غِبۡطَه ڇاکي چئبو آهي؟

عالمن سڳورن هن حديث پاڪ جي تشريح ۾ لکيو آهي ته پنهنجو ڪو تمام گهڻو پيارو هجي، انسان ان جي ڪاميابي جي خواهش رکندو هجي، پوءِ کيس تمام وڏي ڪاميابي ملي وڃي، (مثلاً اسان جي ماءُ اسان کان تمام گهڻو پيار ڪندي آهي، اسان جي ڪاميابي جي لاءِ دعائون به ڪندي آهي، پوءِ اسان کي ڪا وڏي ڪاميابي ملي وڃي) ته جيتري خوشي ان وقت ان پيار ڪرڻ واري کي ٿيندي آهي، اُن خوشي کي غِبۡطَه چئبو آهي.[2] ۽ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحہ:206ملتقطاً۔

[2] رسائل ابن رجب حنبلی، شرح حدیث ان اغبط اولیائی، جلد:2، صفحہ:742۔