Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

انهن ۾ پهرين خوبي آهي: لَمُؤْمِنٌ يعني اهو ٻانهو مؤمن هجي. اَلحَمۡدُلله! اسان سڀئي مسلمان آهيون. الله پاڪ جو وڏو ڪرم آهي جو اُن اسان کي ايمان جي دولت نصيب فرمائي آهي، ربّ ڪريم اسان کي هن تي استقامت به نصيب فرمائي. ڪاش! اسان مرندي وقت تائين مسلمان ئي رهون. ڪڏهن هڪ سيڪنڊ جي ڪروڙين حِصّي ۾ به اسان جو ايمان اسان کان جُدا نه ٿي.

ايمان جي بنياد عشق تي رکو!

البت هڪ ڳالھ جي هتي وضاحت ڪيان ٿو: ايمان جي اصل دِل جي تصدِيق آهي.[1] يعني ايمان دل جو معاملو آهي ۽ دل جي معاملي ۾ عقل جو ڪو دخل ناهي هوندو. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته اَلحَمۡدُلله! اسان مومن ته آهيون، الله پاڪ اسان کي ايمان تي استقامت بخشي، جيترا ايمانيات آهن * الله پاڪ تي ايمان *  رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  تي ايمان *  نبين تي ايمان *  ڪتابن تي ايمان، هي سڀئي جيڪي ايمان جا بنياد آهن، انهن سڀني تي اسان جو يقين عشق جي حد تائين هجڻ گهرجي، پنهنجي ايمان جي بنياد عقل تي نه رکو، نه ته ڀٽڪي وڃڻ جو خطرو تمام گهڻو رهندو، شيخ سلطان باهو رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

اِیمان سلامت ہر کوئی منگے، عشق سلامت کوئی ہُو

وضاحت: ايمان جي بنياد جيڪڏهن عقل تي رکندا ته عقل ڀٽڪي ويندي آهي، عقل گمراھ ٿي ويندي آهي، لهٰذا ايمان جي بنياد عشق تي رکو، الله ۽ رسول جي بي پناھ محبت تي رکو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايمان کسجي وڃڻ جو خطرو تمام گهٽ ٿي ويندو.

ايمان ڪهڙو هجڻ گهرجي..!!

امام فخرالدّين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا امام ٿي گذريا آهن، تمام ماهر عالم


 

 



[1] مرقاۃ المفاتیح، کتاب الاداب، باب حفظ اللسان...الخ، جلد:9، صفحہ:55،