Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

جون اڳيون ڄنگهون 2 هونديون آهن، هي ڳالھ بلڪل واضح آهي، رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  به ڄاڻين ٿا، صحابي رسول به ڄاڻين ٿا پر رسول پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تربيت فرمائي ته اکين ڏٺل حقيقت ۾ نه وڃو! منهنجي فرمان تي بنياد رکو! اَڄ جيڪڏهن تون منهنجي فرمان تي اکيون بند ڪرين هان ته مان گهرندو وڃان ها ۽ تون ڏيندو وڃي ها، ٻڪري جون اڳيون ڄنگهون ڪڏهن ختم نه ٿين ها.

   الله پاڪ اسان کي اهڙو مضبوط ايمان، پڪو يقين رکڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

(2) گهٽ مال ۽ اسباب وارو هجي

 پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا جي پياري دوست جي 7 خوبين مان ٻي خوبي آهي: خَفِيفُ الْحَاذِ يعني جيڪو گهٽ مال وارو هجي. هي به نهايت اهم خوبي آهي. دنيا جو سامان گهٽ هجي ڇوته دنيا جو سامان جيڪڏهن حرام ذريعي سان هجي ته اُن تي عذاب آهي، جيڪڏهن حلال ذريعي سان هجي ته اُن جو حساب آهي. لهٰذا دنيا جي لالچ دل ۾ نه رکڻ گهرجي.

جهان تنهنجي لاءِ آهي، تون جهان جي لاءِ ناهين

 پوئين آسماني ڪتابن ۾ آهي: الله پاڪ فرمايو: اي اِبۡنِ آدم! مون سڀ ڪجھ تنهنجي فائدي جي لاءِ بڻايو ۽ توکي پنهنجي لاءِ(يعني پنهنجي عبادت جي لاءِ) پيدا ڪيو. سو پنهنجي تخليق جي مقصد کي ويساري ڪري جيڪو تنهنجي  لاءِ بڻايو ويو آهي، ان ۾ دل نه لڳاءِ![1]

نہ تُو زمیں کے لئے ہے نہ آسماں کے لئے                                  جہاں ہے تیرے لئے، تُو نہیں جہاں کے لئے

مقامِ پرورشِ آہ و نالہ ہے یہ چمن                                                                              نہ سیرِ گل کے لئے ہے نہ آشیاں کے لئے([2])

وضاحت: آھ و ناله جو مطلب: عشق. يعني اسان هن دنيا ۾ سير ۽ تفريح جي لاءِ


 

 



[1] رسائل ابن رجب، شرح حدیث ان اغبط اولیائی، صفحہ:749۔

[2]...كلياتِ اقبال،بالِ جبریل، صفحہ:379 ملتقطًا۔