Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

عام طور خبر ناهي هوندي * پوءِ اخلاص جي حالت ڏسو ته اها نهايت مشڪل صورتحال آهي، رياڪاري، خودپسندي ۽ نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون باطني بيماريون اسان کي گهيري وٺنديون آهن.

خير! هي مسئلا آهن پر ان ڪري اسان کي عبادت کان رڪڻ نه گهرجي، اسان عبادت ڪيون ۽ گڏوگڏ عبادت جا حق به سکندا رهون، چڱي طرح عبادت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سکندي سکندي سکي ئي وينداسين، بهرحال اسان کي گهرجي ته عبادت پوري اطمينان سان ڪيون، پوري اهتمام سان ڪيون، جيستائين ٿي سگهي دل ۾ خشوع و خضوع ۽ اخلاص به پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهون.

فيضانِ نماز ڪورس جي ترغيب

الحمدلله! دعوت اسلامي علمِ دين جو نور پکيڙڻ واري ديني تحريڪ آهي ۽ ان تحريڪ جو اهو عزم آهي ته هر مسلمان گهٽ ۾ گهٽ فرض علوم ته ضرور سکي وٺي، ان مقصد تحت دعوتِ اسلامي ڪيترائي مختصر ڪورس ڪرائيندي آهي. جن مان هڪ ڪورس فيضان نماز ڪورس به آهي، جنهن ۾ نماز جا فرض ۽ واجبات، سنتون ۽ مستحبات، نماز جو عملي طريقو، نماز کي ٽوڙڻ وارن ڪمن جي تفصيل ۽ ان کان علاوه گهڻو ڪجهه سيکاريو ويندو آهي. فزيڪلي هن ڪورس ۾ شرڪت جي لاءِ  دارالسنّه تي رابطو ڪريو جڏهن ته آن لائن هن ڪورس ۾ شرڪت جي لاءِ فيضان آن لائن اڪيڊمي جي ويب سائيٽ www.Quranteacher.net تي وزٽ ڪيو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

بُزرگانِ دين ۽ نماز ۾ خشوع و خضوع جا واقعا

اَلحَمۡدُلله! الله پاڪ جا نيڪ ٻانها عبادت کي تمام گهڻي اهميت ڏيندا هئا ۽