Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. )[1](

پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو ته * نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، * علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، * ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، *ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                 صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

حضرت ابواُمامه باهِلي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ * صحابيِ رسول آهن، نهايت بلند رتبي وارا* بلند همت *۽ عبادت گذار هئا * خوب صدقو خيرات ڪندا هئا* ڪنهن سوالي کي هٿين خالي نه موٽائيندا هئا* نفل روزن جا تمام گهڻا شوقين هئا * سندن اهلِ خانه (زوجه محترمه، خادمائون، غلام) سڀئي روزا رکندا هئا* ڏينهن جي وقت سندن گهر ۾ کاڌو پچندو ئي نه هو* جيڪڏهن سندن گهر مان ڪڏهن دونهون اٿندي نظر ايندو هو ته ماڻهو سمجهي ويندا هئا ته اڄ حضرت ابواُمامه باهلي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي گهر ۾ مهمان آيل آهن(نه ته ان جي گهر ۾ ته سڀئي روزي سان هوندا آهن)[2]


 

 



[1]...بخاري، ڪتَاب بَدءِ الْوَحي، صفحو:65، حديث:1۔

[2] مسند امام احمد،مسند الانصار، حدیث ابی امامۃ...الخ، جلد:9، صفحہ:164، حدیث:22775بتصرف۔