Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

غمِ روزگار میں تو مرے اشک بہہ رہے ہیں                                    تِرا غم اگر رُلاتا تو کچھ اور بات ہوتی

نہ فُضول کاش! ہنستا، تری یاد میں تڑپتا                                                               مجھے چَین ہی نہ آتا تو کچھ اور بات ہوتی

یِہی آہ! فکرِ دُنیا مِرا دِل جَلا رہی ہے                                                                           غمِ ہجر گر ستاتا تو کچھ اور بات ہوتی([1])

 

جائيداد نه بڻايو! نه ته دنيا جا ئي ٿي ويندؤ

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان کي مال جي محبت کان محفوظ فرمائي. ايمان جي مضبوطي ۽ اخلاق ۽ ڪردار جي دُرُستي ان ۾ آهي ته ٻانهو هر وقت موت، قبر ۽ آخرت کي ياد رکي پر دنياوي مال جو تمام برو اثر اهو آهي ته ان جي محبت انسان کي غافل ڪري ڇڏيندي آهي، مال جي محبت جي سبب انسان آخرت کي ويساري ڇڏيندو آهي، دنيا ۽ ان جي محبت دل ۾ گهر ڪري ويندي آهي ۽ دنيا جي محبت ئي اها شيءِ آهي جيڪا انسان کي گناهن ۽ بُرائين جي گهري کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيندي آهي. انهيءَ جي ڪري اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:

لَا تَتَّخِذُوا الضَّیْعَةَ فَتَرْغَبُوا فِي الدُّنْیَا

يعني (اي انسانو....!!) جائيداد نه بڻايو! نه ته دنيا جا ٿي ويندؤ. [2]

ہمارے دل سے نکل جائے الفتِ دنیا

دے  دل  میں  عشقِ  مُحَمَّد  مرے  رچا  یاربّ!([3])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 


 

 



[1]...وسائلِ بخشش،صفحہ:384۔

[2] ترمذی، کتاب الزہد، باب ما جاء فی ھم الدنیا و حبھا، صفحہ:557، حدیث:2328۔

[3]...وسائل بخشش، صفحہ:82۔