Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

ابن ڏاڏن جي نالن سان پڪاريا ويندؤ، تنهنڪري توهان پنهنجا سٺا نالا رکو۔

(ابو داود،ڪتاب الادب باب في تغيير الاسماء،۴/۳۷۴،حديث:۴۹۴۸)

    اي عاشقانِ رسول! مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ٻار جو سُٺو نالو رکيو وڃي ڪافي ماڻهن جا اهڙا نالا آهن جن جي معنٰي نه آهي يا انهن جي بُري معنٰي آهي اهڙن نالن کان بچو * انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلام ۽ تابعين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهم جي نالن تي نالا رکڻ بهتر آهي، اميد آهي ته انهن جي برڪت ٻار کي ملندي * ٻار زندھ پيدا ٿيو يا مُئل ان جو بدن مڪمل ٿيو هجي يا مڪمل نه ٿيو هجي، بهرحال ان جو نالو رکيو ويندو * حديث پاڪ ۾ آهي: ڪچي ٻار(يعني جنهن جو ڪو عضو بڻجي وڃي يا چئن مهينن جو هجي ان) جو نالو رکو جو الله پاڪ ان جي ذريعي توهان جي عمل جي ساهمي کي وزندار ڪندو * جبريل يا ميڪائيل وغيره نالو نه رکو * يٰسين يا طٰهٰ نالو رکڻ منع آهي * محمد يٰسين نالو به نه رکو، ها چاهيو ته غُلام يٰسين ۽ غُلام طٰهٰ رکو * جيڪي نالا بُرا هجن انهن کي مَٽائي ڪري سُٺو نالو رکڻ گهرجي جو سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن بُري نالي کي سُٺي نالي سان مَٽائي ڇڏيندا هئا. هڪ خاتون جو نالو عاصيه (يعني گنھگار) هو، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي نالي کي مَٽائي ڪري جَميله رکيو * اهڙا نالا رکڻ جائز ناهن جيڪي غير مسلمن جي لاءِ خاص هجن * غلام رسول، غلام صديق، غلام حسين، غلام غوث، غُلام رضا نالو رکڻ جائز آهي.  550سنتیں اور آداب، صفحہ:63-68ملتقطاً( 

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

اُلفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خدا                                                                                  چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو