Book Name:Pyary Aaqa Ka Pyara Dost

دين هئا. سندن جڏهن نزع جو وقت ويجھو آيو ته شيطان وٽس آيو، شيطان ان کان پڇا ڪئي توهان سموري عمر مناظرن، مباحثن ۾ گذاري آهي، ڇا خدا عَزَّ وَجَلَّ کي به سڃاتو؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: بيشڪ الله هڪ آهي ان (يعني شيطان) چيو: ان تي ڪهڙو دليل آهي؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ دليل ڏنو، شيطان خبيث مُعَلِّمُ المَلَڪُوت (يعني ملائڪن جو استاد) رهي چڪو هو، ان اهو دليل ٽوڙي ڇڏيو، انهن ٻيو دليل ڏنو، ان اهو دليل به ٽوڙي ڇڏيو، ايستائين جو ٽي سؤ سٺ (360) دليل امام صاحب قائم ڪيا، ان اهي سڀ دليل (پنهنجي فاسد گمان ۾) رد ڪيا، امام فخرالدّين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا پير صاحب ڪنهن پري جاءِ وضو فرمائي رهيا هئا، اتان کان امام رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي آواز ڏنو: رازي! چئي ڇو نٿا ڇڏيو ته مان خدا کي بنا دليل جي هڪ مڃان ٿو. امام فخرالدّين رازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مرشد جي ڳالھ مڃي، جيئن ئي هي چيو، سندن دم نڪري ويو.[1]

گزر جا عقل سے آگے کہ یہ نُور                چراغِ راہ ہے، منزل نہیں ہے

 پيارا اسلامي ڀائرو! خبر پئي! جيڪڏهن اسان پنهنجي دين، ايمان ۽ عقائد جي بُنياد عقل تي رکنداسين ته اُن ۾ ڀٽڪڻ جو گهڻو خطرو آهي. انهي ڪري بنياد عشق تي رکو. عالم سڳورا فرمائن ٿا: عَلَیْکُمْ بِدِیْنِ الْعَجَائِزِ  يعني توهان تي لازم آهي ته پوڙهي عورتن جهڙو عقيدو رکو.....!![2]

    

   پوڙهيون عورتون پنهنجي نظرين ۽ عقيدن جي معاملي ۾ نهايت پڪيون هونديون آهن، انهن کي جيڪو به چئو، جيترا به دليل ڏيو، سائنس، فلسفو جيڪو ڪجھ سمجهائيندا رهو، انهن جو جيڪو عقيدو آهي، هُو اُتي پڪيون رهنديون آهن. اها ئي اسان کي تعليم ڏني وئي ته اسان عقائد ۽ ايمان جي معاملي ۾ ائين ئي پڪا ٿي وڃون. اسان کي پنهنجي طرفان عقيدو ناهي بڻائڻو، پنهنجي سوچ ۽ نظريي تي ناهي هلڻو * عقيدو اهو اپنائڻو آهي جيڪو قرآن ڪريم


 

 



[1] الملفوظ، حصہ:4، صفحہ:493، 494۔

[2] الملفوظ، حصہ:4، صفحہ:433۔