Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

خادمِ نبي، حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته الله پاڪ جي پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: جيڪو نمازون پنهنجي وقت ۾ ادا ڪري ۽ نماز جي لاءِ چڱي طرح وضو ڪري ۽ ان جي قيام، خشوع، رڪوع ۽ سجود (يعني سجدا) پورا ڪري ته ان جي نماز اڇي ۽ روشن ٿي ڪري اِهو چوندي نڪرندي آهي: ”الله پاڪ تنهنجي حفاظت فرمائي جهڙي طرح تو منهنجي حفاظت ڪئي.“ ۽ جيڪو شخص نماز بي وقت ادا ڪري ۽ ان جي لاءِ ڪامل (يعني چڱي طرح) وضو نه ڪري ۽ ان جا خشوع، رڪوع ۽ سجدا پورا نه ڪري ته اها نماز ڪاري اونداهي ٿي اِهو چوندي نڪرندي آهي: ”الله پاڪ توکي ضايع ڪري جهڙي طرح تو مون کي ضايع ڪيو.“  ايسيتائين جو الله پاڪ جتي چاهيندو آهي اها (نماز) ان جڳهه پهچي ويندي آهي، پوءِ اها بوسيده (ڦاٽل پراڻي) ڪپڙي وانگر ويڙهي ان نمازي جي منهن تي هنئي ويندي آهي. (معجم اوسط، ج. 2، ص. 227، حديث 3095)

الله اڪبر! الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! اسان وٽ جهڙا حالات آهن، دنيا ۾ مَصۡروفيت ايتري ٿي وئي آهي جو نماز جي فڪر ئي ناهي ٿيندي...!! نمازين مان به ڪيترائي اهڙا هوندا آهن جو ڊوڙندي مسجد ۾ پهتا، جيئن تيئن ڪري وضو ڪيو، ايئن ئي وُضُو جا قطرا ٽمي رهيا آهن، ٻانهون چڙهيل آهن، جلدي مان آيا، نماز شروع ڪئي، هاڻي نماز ۾ پڙهڻ جي لاءِ ته اسان کي هڪ ئي سورت ٿي اچي، سُوره اخلاص.... ان کان علاوه سورتون پڙهڻ جو ذهن ئي ناهي بڻجندو...... بس سڀئي رڪعتون انهي سورت سان جلدي جلدي پڙهون، رڪوع پورو ٿيو يا نه ٿيو، سجدو پورو ٿيو يا نه ٿيو، رڪوع مان  اڃا مس سڌا بيٺا هئا سجدي جي لاءِ جهڪڻ شروع ٿي ويا، پهرين سجدي مان اٿي ڪري سِڌا بيٺا به نه هئا ته اڳئين سجدي ۾ وڃي پهتا.. ايئن بس جلدي جلدي جيئن تيئن ڪري نماز پڙهي ۽ هليا ويا....!!  هي اسان جي نمازن جو انداز آهي ۽ اسان حديث پاڪ ٻُڌي، جيڪو ٻانهو نماز جا رڪوع ۽ سجدا پورا نٿو ڪري، نماز چوندي آهي: جهڙي طرح تو مون کي ضايع ڪيو الله توکي ضايع ڪري.