Book Name:Namaz Mein Khushu Laney Ke 27 Madani Phool

ہوں میری ٹوٹی پھوٹی نمازیں خدا قبول

اُن دو کا صدقہ جن کو کہا شہ نے میرے پھول

 وضاحت: امام حَسَن ۽ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْهما جن کي سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رَیْحَانَتَیْ  يعني منهنجا گُل فرمايو، اي الله پاڪ! انهن جي صدقي منهنجون ٽٽل ڦٽل نمازون قبول فرمائي ڇڏ.

سُبْحٰنَ اللہ! اندازو لڳايو! جنهن ٻانهي کي افضل ترين عبادت يعني نماز حفاظت جي دعا ڏئي رهي هجي، ان ٻانهي جي حفاظت ڇونه ڪئي ويندي، ان جا ڪم غيب مان ڇونه بڻبا...!! ڀلا سوچيو ته.....!! هڪ آهي اهو ٻانهو جنهن کي نماز چوندي آهي: الله پاڪ توکي ضايع ڪري، ٻيو آهي اهو ٻانهن جنهن کي نماز چوندي آهي: الله پاڪ تنهنجي حفاظت فرمائي. انصاف سان چئو! انهن مان ڪنهن جي ڪاروبار ۾ برڪت ايندي....؟ انهن ٻنهي مان ڪنهن کي سڪون ملندو؟ انهن ٻنهي مان ڪهن جو گهر اَمن جو گهوارو بڻجندو؟ يقيناً ان جو جنهن کي نماز حفاظت جي دعا ڏئي رهي آهي. بس اهو ئي نتيجو آهي، اسان جن ڪمن جي ڪري نماز ۾ جلدي ڪيون ٿا، جيڪڏهن اسان نماز اطمينان سان پڙهڻ شروع ڪيون ته اسان جا اهي ڪم صحيح طور تي ٿي سگهن ٿا. پر اسان انهن ڪمن ۾ جلدي جي ڪري نماز ۾ جلدي ڪندا آهيون. نتيجو اهو نڪرندو ته

نہ خُدا ہی مِلا نہ وِصَالِ صنم

نہ اِدھر کے رہے، نہ اُدھر کے رہے

 

يعني نماز ۾ جلدي هئي ته دنيا جا ڪم ڪرڻا آهن، نتيجو هي نڪتو ته نماز جي نورانيت ضايع ٿيڻي هئي، سو ٿي،  دنيا جا ڪم به پورا نه ٿيا، ڇوته نماز چئي ئي ڇڏيو: جيئن تو مون کي ضايع ڪيو، الله پاڪ توکي ضايع ڪري.

 الله پاڪ اسان کي سمجھ نصيب ڪري. نماز پڙهو! ضرور پڙهو! وقت ڪڍي