Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

بلڪه هيئن کڻي چئجي ته پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا شاگرد آهن، سڀئي صحابه رسولِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا غلام، جان نثار ۽ شاگرد آهن، غور فرمايو! پنهنجي صحابي جو ڪيڏو پيارو استقبال ڪيو پيو وڃي، نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم محفلِ پاڪ ۾ هئا، چئني پاسي صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهم حاضر آهن، هن ڪيفيت ۾ به پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بهترين استقبال فرمايو، پنهنجي صحابي کي چادر عطا فرمائي.

هي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪرم نوازي هئي جو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي چادر مبارڪ وڇائي ڪري ويهڻ جي لاءِ عطا فرمائي، صحابهءِ ڪرام جو عشق ۽ ادب هن ڳالھ کي ڪيئن پسند ڪري سگهيو پئي، جيئن ته حضرت جرير رَضِىَ اللهُ عَنْه ان چادر مبارڪ کي کنيو ۽ پنهنجي منهن تي مَليو، پوءِ ان کي چُمي ڪري ادب سان پاڻ وٽ رکي ڇڏيائون. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! هي استقبال جا سُٺا طريقا آهن، اڄڪلھ اسان وٽ هي انداز گهٽ ٿيندا پيا وڃن، اچڻ واري کي چڱي انداز سان ڀلي ڪار چوڻ به ڪنهن ڪنهن کي ايندو آهي،عام طور ماڻهو بس ائين ئي بنا مُسڪراهٽ جي، بنا توجھ جي سلام ڪندا آهن بلڪ هاڻي سلام به ڪٿي، مڙئي هٿن جون ڪجھ آڱريون ملايون وينديون آهن. Welcoming (يعني اچڻ واري جو استقبال ڪرڻ) به هڪ پورو موضوع آهي ۽ اڄڪلھ معاشري کي هن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ماڻهن کي چڱو استقبال ڪرڻ به ناهي ايندو. هي اسان کي سکڻ گهرجي، جڏهن به ڪو اسان وٽ اچي، چڱي انداز ۾ مُسڪرائي ڪري، چهري تي خوشي جا آثار ڏيکاري ڪري، بهترين الفاظ سان، اڳتي وڌي ڪري استقبال ڪيون، هي به هڪ نيڪي آهي.


 

 



[1]... مستدرک، جلد:5، صفحہ:415، حدیث:7861۔