Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

آهي ته اهي جيڪو فرمائين، جيڪو به الله کان گهرن، ربّ رحمٰن ۽ رحيم پنهنجي ڪرم سان انهن جي ڳالھ ٽاريندو نه آهي، انهن جي گُهرَ پوري فرمائيندو آهي. مولانا روم رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ فرمائن ٿا:

گُفْتَۂِ اُوْ گُفْتَۂِ اَللّٰہ بَوَدْ                                                                                                                        گَرْچِہ اَزْ حُلُقُومِ عَبْدُ اللّٰہ بَوَدْ

مفهوم: ولين جي زبان مان نڪتل ڳالھ اها هوندي آهي جيڪا الله ڪريم پاڻ انهن کان چورائيندو آهي، جيتوڻيڪ ٻانهي جي زبان مان نڪتل الفاظ هوندا آهن، پر حقيقت ۾ ربَّ جي مرضي جي مطابق هوندا آهن.

سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! 4 ذُو الْحَجَّۃِ الْحَرام تي يومِ  قُطبِ مدينه يعني ان ڏينهن، وقت جي ڪامل ولي، عالمِ باعمل، عاشقِ رسول، سيدي قُطبِ مدينه حضرت ضِياءُ الدِّين مدني رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جو وصال مبارڪ ٿيو: سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ اميرِ اهلسُنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا پير صاحب يعني عطّارين جا ڏاڏا پير آهن.

*سندن ولادت:1877ء ۾ ٿي. سيالڪوٽ سندن اباڻو شهر آهي.*سندن پيدائشي نالو احمد مُختار آهي.*سندن ڏاڏي ضِياءُ الدِّين نالو رکيو.*پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پهرين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اولاد مان آهن.*سندن خاندان عالِمن ۽ صوفِن جو گهراڻو هو،*سندن ابن ڏاڏن ۾ شيخ عبدُ الله قادري رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ ڪرامت وارا ولي هئا، تقريباً 16هين صدي عيسوي ۾ هجرت ڪري مديني پاڪ هليا ويا هئا.*اهڙي طرح شيخ عبدُ الحليم قادري رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ به سندن ابن ڏاڏن مان آهن، هي به تمام وڏا عالِم دين ۽ صوفي هئا. ([1])

*سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ اولياءِ ڪرام سان تمام گهڻي محبت فرمائيندا


 

 



[1]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری ، جلد:1، صفحہ:184، 186 ملتقطاً بتصرف۔