Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

ٻَٽاڪَ(ڊاڙيون) نه هڻو: بَس عاجزي سان مٿو جهڪائي هلڻ ئي چڱو لڳندو آهي.

   اسان کي ڪڏهن به ٻَٽاڪَ نه هڻڻ گهرجن، بس عاجزي ڪيون، الله ۽ رسول جا عاجز ٻانها بڻجي ڪري رهون، انهيءَ ۾ عافيت آهي، انهيءَ ۾ ڀلائي آهي، جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي سامهون مٿو مٿي ڪندو آهي، ٻيهر اهو مٿي کڻڻ جي لائق ناهي رهندو.

باطني اسباب تي به غور ڪندا ڪريو!

پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان هڪ اهم ڳالھ جيڪا سکڻ جي آهي، اها هي آهي ته اسان جي*مشڪلاتُن*پريشانين*۽ ناڪامين جو سبب هميشه ظاهري ئي هجي، هي ضروري ناهي،*مشڪلاتون*پريشانيون*ناڪاميون ڪجھ باطني سببن سان به اينديون آهن. اسان وٽ عام طور تي ان ڏي توجھ ناهي ڪئي ويندي، اڄ هر ڪو ماڻهو پريشان نظر ايندو آهي، پريشاني جي وجھ پڇو*ته ڪو چوندو: مهانگائي گهڻي آهي*ڪو چوندو: فلاڻي جي ڪري هيئن ٿي ويو*ڪو چوندو: حڪومت چڱي ناهي*ڪو چوندو: عوام صحيح ناهي. هر هڪ جي پنهنجي راءِ آهي پر*هي ڪير به غور ناهي ڪندو ته مون فجر جي نماز نه پڙهي هئي ان ڪري پريشاني آئي آهي*هي ڪوبه ناهي سوچيندو ته قرآنِ ڪريم کان بي رغبتي وڌي رهي آهي، ان ڪري مسائل ٿي رهيا آهن*هي ڪوبه نه سوچيندو ته رشتو ٽوڙڻ عام ٿي رهيو آهي*بدڪاريون وڌي رهيون آهن*بي حيائي عام ٿي رهي آهي*مسجدون ويران پيون آهن، هي به ناڪامين جا اسباب آهن، هي به بي برڪتي جا اسباب آهن، جيڪڏهن اسان هنن باطني سببن تي غور ڪيون ۽ انهن کي حل ڪرڻ شروع ڪري ڏيون ته يقين ڪيو! اسان جون پريشانيون ختم ٿي سگهن ٿيون. ڊاڪٽر اقبال چيو هو:

سبب کچھ اَور ہے، جسے تُو خُود سمجھتا ہے                 زوال آدمِ خاکی کا بےزَرِی سے نہیں([1])


 

 



[1]... کلیات اقبال(اردو)، ضربِ کلیم، صفحہ:532۔