Qutb e Madina Ke Aala Osaf

Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

آهي،*دنيا ڀر ۾ ديني ڪم عام ڪرڻ جي لاءِ لکين عاشقانِ رسول مدني قافلي جي صورت ۾ مُلڪ مُلڪ، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ويندا ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن*مدني قافلن جي برڪت سان ڪيئي ڪافر ڪلمو پڙهي ڪري مسلمان ٿي چڪا آهن*لکن جي زندگي ۾ نيڪين جي بهار اچي وئي آهي الحمدلله! 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، 1 مهينو ۽ 12 مهينن جا قافلا سفر ڪندا رهندا آهن.

  *اوهان به مدني قافلي ۾ سفر ڪندا رهو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪيئي برڪتون ملنديون*مدني قافلي ۾ فرض علمِ دين سيکاريو ويندو آهي*سنتون سيکاريون وينديون آهن*تهجد پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي*نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي*قافلي جي برڪت سان دعائون قبول ٿيڻ*مشڪلاتون ٽرڻ*بيمارين کان شفا ملڻ جا به ڪيئي واقعا آهن*ائين به ٿيو جو مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي حوصله افزائي جي لاءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪرم فرمايو، خواب ۾ تشريف وٺي آيا ۽ قافلي جي شرڪاء کي ديدار جو شربت پياري ڇڏيو.

   اسان مدني قافلي ۾ سفر ڪيون، ڪهڙي خبر اسان تي به ڪرم ٿي وڃي. گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي نيت ڪري وٺو! اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:

باغ جو پينگهو

حيدرآباد جي هڪ محلي ۾ علاقائي دوري جي دعوت کان متاثر ٿي ڪري هڪ ماڊرن (Modern) نوجوان مسجد ۾ اچي ويو. بيان ۾ مدني قافلي جي سفر جي ترغيب ڏياري وئي ته ان مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي لاءِ نالو لکرائي ڇڏيو. اڃان قافلي وڃڻ ۾ ڪجھ ڏينهن باقي هئا ته ان جو انتقال ٿي ويو. گهروارن مان ڪنهن مرحوم کي خواب ۾ هن حالت ۾ ڏٺو ته اهو هڪ سائي باغ ۾ نهايت خوش آهي ۽ پينگهي ۾ لڏي رهيو آهي. خواب ڏسڻ واري پڇيو،