Qutb e Madina Ke Aala Osaf

Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

چڱو استقبال به نيڪي آهي

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڪنهن نيڪي کي ننڍو نه سمجهو! بيشڪ پنهنجي (مسلمان) ڀاءُ سان مُسڪرائي ڪري ڳالهائڻ به نيڪي آهي. ([1])  هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: پنهنجي (مسلمان) ڀاءُ سان مرڪندڙ چهري سان ملڻ به نيڪي آهي. ([2])

   الله پاڪ اسان کي هن جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْنِ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ

قطبِ مدينه جو عشقِ رسول

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سيدي قطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ کي تاجدارِ مدينه
 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان جُنون جي حد تائين عشق هو بلڪه هي چوڻ به بلڪل درست هوندو ته سندن فَنا فِي الرسول جي اعليٰ منصب تي فائز هئا،*ڏينهن رات ذڪرِ مُصطفيٰ ئي ڪندا رهندا هئا،*اڪثر زيارت جي لاءِ اچڻ واري کان پڇندا هئا: اوهان نعت شريف پڙهندا آهيو؟ جيڪڏهن اهو ها چوندو هو ته ان کان نعت ٻڌندا ۽ خوب لطف حاصل ڪندا هئا.*ڪيئي ڀيرا نعتِ پاڪ ٻڌندي ٻڌندي اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويندا هئا، سڄو سال ئي روزانو رات جو سندن آستاني تي ميلاد جي محفل ٿيندي هئي، جنهن ۾*مدني*ترڪي*پاڪستاني*شامي*مصري*افريقي*سوڊاني* سڄي دنيا مان آيل زائرين(زيارت جي لاءِ آيل) شرڪت ڪندا هئا. ([3])

هنن کان ڦري ڪري ڪيڏانهن ويندؤ؟

ڪڏهن ڪڏهن هيئن به ٿيندو هو ته جڏهن ڪو زائِر(زيارت لاءِ آيل) مدينو شريف ڇڏي ڪري گهر واپس وڃڻ لڳندو هو ته اچي ڪري عرض ڪندو هو:


 

 



[1]...مسلم، کتاب البر والصلۃ ، باب استحباب طلاقۃالوجہ...الخ، صفحہ:1014، حدیث:2626۔

[2]...مسند امام احمد، مسند جابر بن عبداللہ، جلد:6، صفحہ:160، حدیث:15088۔

[3]...سیدی قطبِ مدینہ، صفحہ:11۔