Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

الله پاڪ اسان کي سيدي قطبِ مدينه جي سيرت ۽ اخلاق مان روشني وٺن جي توفيق بخشي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْنِ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ

قرباني جون کلون  دعوتِ اسلامي کي ڏيو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن دور ۾ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي سيدي قُطبِ مدينه، امام احمد رضا خان ۽ غوث و خواجه ۽ ٻين اولياء ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم  جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي*دعوتِ اسلامي هاڻي تائين هزارين مسجدون، سوين فيضانِ مدينه (مدني مرڪز) بڻائي چڪي آهي *ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين (Boys & Girls) کي الگ الگ قرآنِ پاڪ جي تعليم ڏيڻ جي لاءِ هاڻي تائين دنيا ڀر ۾ تقريباً 12 هزار 699 مدرسةُ المدينه قائم ٿي چڪا آهن، جن ۾ تقريباً 3 لک 73 هزار 729 ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قرآنِ پاڪ حفظ ۽ ناظره جي مُفت تعليم ڏني پئي وڃي * عالم ۽ عالمه ڪورس ڪرائڻ جي لاءِ هاڻي تائين تقريباً 1 لک، 32 هزار طلبه ۽ طالبات کي درسِ نظامي (عالم ۽ عالمه ڪورس) مُفت ڪرايو پيو وڃي.*شرعي رهنمائي جي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ 17 دارُ الافتاء اهلسنت قائم ٿي چڪا آهن، مُفتيانِ ڪرام امت جي شرعي رهنمائي ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهن انهن ۾ سالانه اوسطاً 1 لک 70 هزار سوالن جا مختلف انداز ۾ (مثال طور آمهون سامهون، فون جي ذريعي، واٽس ايپ، اي ميل وغيره) جوابَ ڏنا ويندا آهن. ۽*المدينةُ العلميه (Islamic Research Canter) ۾ مختلف موضوعن تي 932 ديني ڪتابَ ڇپجي چڪا آهن ۽ هي سلسلو اڃان جاري آهي*الحمد لله! مدني چينل هن وقت 3 ٻولين اردو، انگلش ۽ بنگلا ۾ سيٽلائٽ تي آهي.