Qutb e Madina Ke Aala Osaf

Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

قرباني مصطفٰي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي سنت آهي

   2 فرامينِ مُصطَفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1) جنهن خوش دلي سان ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ قرباني ڪئي ته اها جهنّم جي باهه کان حِجاب (يعني روڪ) ٿي ويندي.([1]) ]2[ توهان جي لاءِ قرباني جي هر وار جي بدلي ۾ هڪ نيڪي آهي.([2]) اي عاشقانِ رسول!پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهتمام سان قرباني فرمائيندا هئا، اُمُّ المؤمِنين حضرتِ سيدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاهه ۾ هڪ چٽڪمرو(اڇي ۽ ڪاري ٽڪن وارو) گهيٽو پيش ڪيو ويو جنهن کي سندن پنهنجي هٿن سان ذبح ڪيو. ([3]) * بالغ، مقيم، مسلمان مرد ۽ عورت، مالڪِ نصاب تي قرباني واجب آهي، مالڪِ نصاب هئڻ سان مراد هي آهي ته ان شخص وٽ ساڍا ٻاونجاھ تولا چاندي يا ايتري ماليت جي رقم، يا ايتري ماليت جو واپار جو مال، يا ايتري ماليت جو حاجتِ اصليه کان علاوه سامان هجي. ([4])جنهن شخص کي قرباني ڪرڻ جي وُسۡعَت هجي پوءِ به اهو قرباني نه ڪري ته اهو اسان جي عيد گاهه جي ويجھو نه اچي. ([5]) حضرت بابا فريد الدين گنج شڪر رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو صدقو ۽ قرباني ناهي ڪندو ان کان آرام کسيو ويوندو آهي. ([6]) * قربانيءَ جي وقت ۾ قرباني ڪرڻ ئي لازم آهي ڪا ٻي شيءِ (يعني مال وغيره جي ذريعي صدقو) ناڪافي ٿيندو([7]) 


 

 



[1]...معجم کبیر،جلد:2، صفحہ:213، حدیث:2670۔

[2]...ابن ماجہ، کتاب:الاضاحی، باب:ثواب الاضحیہ، صفحہ:510، حدیث:3127۔

[3]... مسلم، کتاب الاضاحی، باب استحباب الضحیۃ...الخ، صفحہ:782، حدیث:1967۔

[4]... فتاویٰ ہندیہ، کتاب الاضحیہ، باب فی تفسیرھا و رکنھا...الخ، جلد:5، صفحہ:360-362 ملتقطاً۔

[5]... ابن ماجہ، کتاب الاضاحی، باب الاضاحی واجبۃ ام لا ، صفحہ:509، حدیث:3123۔

[6]... فیضان بابا فرید ، صفحہ:65۔

[7]... فتاویٰ ہندیہ، کتاب الاضحیہ، باب فی تفسیرھا و رکنھا...الخ، جلد:5، صفحہ:363۔