Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

هليا وڃو! اِنْ شَآءَ اللہُ! وري ايندؤ ۽ هتي ئي رهندؤ، والدين جو حڪم مڃڻ ضروري آهي.

جناب مسعود احمد قادري رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ فرمائن ٿا: مون پير صاحب جي ڳالھ مڃي ۽ پاڪستان واپس هليو ويس. الحمد الله! پير و مرشد (سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ) جي دعائن سان مونکي وڌيڪ 2 ڀيرا حج جي سعادت نصيب ٿي، آخرڪار مديني پاڪ ۾ ئي مستقل رهائش به نصيب ٿي وئي. ([1])

ولين جي زبان مان نڪتل ڳالھ ٽرندي ناهي

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جو...!! الحمد لله! الله پاڪ جا جيڪي نيڪ ٻانها هوندا آهن، اولياءِ ڪرام هوندا آهن، انهن جي زبان مان نڪتل ڳالھ ٽرندي ناهي، اهي جيڪا ڳالھ فرمائيندا آهن، الله پاڪ پنهنجي ڪرم سان انهن جي ڳالھ پوري فرمائي ڇڏيندو آهي، بخاري شريف ۾ ڊگهي حديثِ پاڪ آهي، ۽ آهي به حديثِ قُدسي يعني اسان جي ربَّ جو ارشاد آهي، لفظَ محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا آهن، ارشاد ٿئي ٿو: مَنْ عَادَی لِیْ وَلِیًّا فَقَدْ اٰذَنْتُہٗ بِالْحَرْب جيڪو منهنجي ڪنهن وَلِي (منهنجي دوست) سان دشمني رکندو آهي مان (ربُّ قهار) ان سان جنگ جو اعلان ڪندو آهيان. ([2])

هي ولين جو شان آهي، انهن کان دشمني، الله پاڪ کان اعلانِ جنگ آهي. هن حديث شريف جي آخر ۾ آهي: وَ اِنْ سَاَلَنِیْ لَاُعْطِیَنَّہٗ ۽ جيڪڏهن اهو (الله جو ولي) مون کان ڪجھ گهري ته مان (الله ربُّ العالمين) ضرور ان کي عطا ڪندو آهيان. ([3])

سُبْحٰنَ اللہ! هي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ولين جو مقام آهي، انهن جي عزت


 

 



[1]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری ، جلد:1، صفحہ:766 ملخصاً۔

[2]...بخاری،کتاب الرقاق، باب التواضع، صفحہ:1597، حدیث:6502 ۔

[3]...بخاری،کتاب الرقاق، باب التواضع، صفحہ:1597، حدیث:6502 ۔