Qutb e Madina Ke Aala Osaf

Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

قطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جي عشق ڀريون ادائون

*سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جي هي ڪرامت هئي جو جڏهن ڪو سيد صاحب تشريف وٺي ايندو، جيتوڻيڪ انهن سان پهريان واقفيت نه به هوندي هئي، تڏهن به سندن سڃاڻي وٺندا هئا ته هي سيد آهن، انهن جو خوب ادب ڪندا، هٿ به چمندا هئا.([1])مصطفيٰ جي نالي جو نهايت ادب فرمائيندا هئا، مصطفيٰ نالي سندن هڪ خادم هو ۽ هوبه ننڍي عمر جو، سندن عادت هئي، انهن کي جڏهن به سڏيندا هئا ته ياسيدي مصطفيٰ چئي ڪري سڏيندا هئا. ([2])هڪ ڀيري سندن شهزادي ان خادم کي ڪنهن وجھ سان ڪم تان ڪڍي ڇڏيو، جڏهن قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ کي ان جي خبر پئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان خادم کي گهرايو ۽ صرف ان جي نالي جو ادب ڪندي فرمايائون: ياسيدي مصطفيٰ توهان ڪم ته ڇڏي رهيا آهيو، البت هر مهيني اچي ڪري پنهنجي پگهار مون وٽان کڻي ويندا ڪَجو. ([3])

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته شان آهي...!! هن مان اندازو لڳايو! صرف نالي پاڪ جو ايترو ادب آهي ته سيدي قطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ خود سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪيترو ادب ڪندا هوندا.

    سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جي هيءَ به عشق ڀري ادا هئي جو جيڪڏهن ڪو مالدار کين گهر گهرائيندو هو ته فرمائيندا هئا: مان پنهنجي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي در تي پيو آهيان، منهنجا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي لاءِ ڪافي آهن. ويٺي ويٺي ٽڪرو ڏيندا آهن، تمام ڀلو ڏيندا آهن، کائيندو آهيان ۽ ڍؤ ڪري


 

 



[1]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری،جلد:1،صفحہ:637، 638 مختصراً۔

[2]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری،جلد:1،صفحہ:640 ، 641 ماخوذاً۔

[3]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری،جلد:1،صفحہ:641 ۔