Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

قُطبِ مدينه جي غيبت کان نفرت

پيارا اسلامي ڀائرو! سيدي قطبِ مدينه رحمة الله عليه جو هڪ ٻيو به نهايت ئي پيارو وصف هو جو سندن غيبت کان تمام گهڻي نفرت ڪندا هئا. ڪنهن جي غيبت ڪرڻ يا ٻڌڻ سندن کي بلڪل به پسند نه هو، سندن سامهون جيڪڏهن ڪو ڪنهن جي غيبت ڪندو هو ته کين فوراً ان جي اصلاح فرمائيندا هئا.

   هڪ دفعي هڪ زيارت ڪندڙ (يعني مديني ۾ اچڻ وارو عاشق رسول) سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڇيائون: توهان ڪٿان جا آهيو؟ عرض ڪيائين: پاڪپتن جا. فرمايائون: ڀلي ڪري آيا! ڀلي ڪري آيا! پاڪپتن کي حضرت (بابا فريدُ الدّين مسعود) گنج شڪر رحمة الله عليه جي نسبت پاڪپتن شريف بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي پاڪپتن شريف جو ڪو شخص هو، سندن ان بابت پڇندي فرمايائون: فلاڻي صاحب جو ڪهڙو حال آهي؟ هاڻي ان ملاقاتي چيو: اهي ته ڪتا وڙهائي رهيا آهن (يعني ڪتن جي ويڙھ ڪرائيندا آهن). سو سيدي قطب مدينه رحمة الله عليه فوري طور تي درود شريف پڙهيو، پوءِ هٿ مٿي ڪري ان صاحب جي لاءِ دعا گهري، پوءِ فرمايائون: انهن ڏاڙهي ڪٽائڻ ڇڏي ڏني آهي، ڪتا وڙهائڻ به ڇڏي ڏيندا. پوءِ ان زيارت ڪندڙ شخص جي اصلاح ڪندي فرمايائون: غيبت جي بدران دعا ڪيو ها ته توهان جي لاءِ چڱو هو. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! هي آهن الله پاڪ جا نيڪ ٻانها...!! ڪهڙو نه پيارو اخلاق آهي، ڪهڙو نه پيارو انداز آهن، پهريان هي ڏسو ته! سندن پنهنجي سڃاڻڻ وارن جي خير خيريت پڇندا رهندا هئا، هي به هڪ پياري ادا آهي، وري اصلاح جو انداز ڪهڙو پيارو آهي، سندن دعا فرمائي، پوءِ الله پاڪ جي رحمت ۾ اميد لڳائي ته


 

 



[1]...سیدی ضیاء الدین احمد القادری، جلد:1، صفحہ:614، 615ملخصاً۔