Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

اوهان به خدمتِ دين جي هن ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو! الحمد لله! عيدُ الاضحيٰ ويجهو آهي، عاشقانِ رسول قرباني جي سعادت حاصل ڪندا. سڀني کي التجاء آهي ته پنهنجي پنهنجي جانور جي کَلَ دعوت اسلامي کي ڏيندا! توهان جي ڏنل رقم يا کلَ جي ذريعي دنيا ڀر ۾ ديني، اصلاحي، روحاني ۽ فلاحي ڪم ڪيا ويندا، اِنْ شَآءَ اللہُ! اوهان جي لاءِ صدقهءِ جاريه ٿيندو.

الله پاڪ اسان کي عَمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْنِ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ

عطارؔ سے محبوب کی سُنَّت کی لے خدمت           ڈنکا یہ تِرے دین کا دُنیا میں   بجادے)[1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

پيارا اسلامي ڀائرو! فيضانِ اولياء ماڻڻ، باڪردار ۽ با اخلاق مسلمان بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب دل لڳائي ڪري حصو وٺو!اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪم مان هڪ ديني ڪم مدني قافلو به آهي.

بيشڪ نيڪي جي دعوت ڏيڻ، ان ۾ مُشقت برداشت ڪرڻ انبياء جي سنت آهي، *دين جو ڪم مشڪلاتون کڻي ڪري، قربانيون ڏئي ڪري ئي ٿيندو آهي*انبياء ڪرام*صحابهءِ ڪرام*نيڪ ماڻهو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ گهران نڪرندا*پري پري علائقن ۾ ويندا*هجرت ڪندا ۽*مشقت برداشت ڪري دين جو پيغام عام ڪندا هئا*اڳين جي قربانين کان ئي اسان تائين دين پهتو آهي. عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي به انهيءَ راھ تي


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:112۔