Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

مان وداع جو سلام عرض ڪري آيو آهيان (يعني مان رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي خدمت ۾ الوداعي سلام پيش ڪري آيو آهيان). سيدي قطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ اصلاح ڪندي فرمائيندا ها: هنن کان جُدا ٿي ڪري ڪيڏانهن ويندؤ؟ بارگاھِ رسالت ۾ هيئن عرض ڪندا ڪريو: اَلْاَمَانْ یَارَسُول َاللہِ! اَلْحَفِیْظ یَارَسُول َاللہِ! اَلمَدَد یَارَسُول َاللہِ! اَلغِیَاث یَارَسُول َاللہِ! ([1])

اوهان کان منهن لِڪايان ته ڪنهن جي سامهون ڪيان

   هڪ ڀيري فرمايائون: مرزا (شڪور بيگ حيدرآبادي) صاحب چون ٿا:

نہ کوئی عمل ہے سنانے کے قابِل                                                                        نہ مُنہ ہے تمہارے دکھانے کے قابِل

  پر اسان جا اعليٰ حضرت رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ فرمائن ٿا:

تجھ سے چُھپاؤں مُنہ تو کروں کس کے سامنے                         کیا اور بھی کسی سے توقع نظر کی ہے

وضاحت: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان گناھگار آهيان، خطاڪار آهيان، بالفرض جيڪڏهن شرم جي ڪري اوهان کان منهن لِڪائي به ڇڏيان ته ڪنهن جي طرف ڪندُس، اوهان کانسواء ڪير آهي جو جنهن کان ڪرم جي اميد لڳائي سگهان ٿو؟

هي شعر پڙهي ڪري قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ فرمايو: هنن جي دامنِ ڪرم ۾ لِڪي ته سگهون ٿا پر هنن کان منهن لِڪائي ڪري ڪيڏانهن وڃي سگهون ٿا؟ ۽ ڪيئن ٿا لِڪائي سگهون؟ جڏهن ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هٿ جي تريءَ تي ڪائنات کي بلڪل واضح ڏسي رهيا آهن. ([2])


 

 



[1]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری ، جلد:1، صفحہ:615۔

[2]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری ، جلد:1، صفحہ:618۔