Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

ان صاحب ڏاڙهي ڪٽائڻ جو گناھ ڇڏي ڏنو آهي ته ٻيا فضول ڪم به ڇڏي ڏيندا ۽ غيبت ڪرڻ واري جي اصلاح ڪئي ته ڪنهن جي بُرائي ڏسو ته ان کي ڦهلائڻ، ان جي غيبت ڪرڻ جي بدران، ان جي حق ۾ دعا ڪندا ڪريو! هي توهان جي لاءِ بهتر آهي.

ڪاش اسان جو به هي ذهن بڻجي وڃي، هاڻي ته مَعَاذَ اللہ! هر پاسي ڪوڙ، غيبت، چغلي، ڪوڙ، غيبت چغلي، پورو معاشرو انهن گناھن جي سيلاب ۾ آيل آهي، ڪاش! اسان سڀني جو هي ذهن بڻجي وڃي ته اسان کي نه غيبت ٻُڌڻي آهي، نه ئي ڪنهن جي غيبت ڪرڻي آهي.

سينن سان لٽڪيل ماڻهو

سرڪارِ ڪائنات، شاھِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: معراج واري رات مان اهڙين عورتن ۽ مَردن وٽان گذريس جيڪي پنهنجي سينن سان لٽڪي رهيا هئا، مون پڇو: اي جبريل! هي ڪهڙا ماڻهو آهن؟ عرض ڪيائين: هي منهن تي عيب ڪڍڻ وارا ۽ پرپُٺ بُرائي (يعني غيبت) ڪرڻ وارا آهن. ([1])

مجھے غیبتوں  سے  بچا  یاالہٰی!                                                                                   گناہوں کی  عادت چُھڑا یاالہٰی!

پئے مُرشدی دے  مُعافی خدایا                                                                      نہ دوزخ  میں  مجھ کو جلا یاالہٰی!

 

غيبت ٻڌڻ به حرام آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته معاشري ۾ غيبت تمام گهڻي وڌي چڪي آهي، پر اسان گناھ جي ايڏي وڏي سيلاب کي روڪي سگهون ٿا، جيڪڏهن اسان پنهنجو هي ذهن پڪو بڻايون ته مونکي غيبت ناهي


 

 



[1]... شُعَبُ الْاِیمان ، باب فی تحریم اعراض الناس، جلد:5، صفحہ:309، حدیث:6750۔