Qutb e Madina Ke Aala Osaf

Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

تو غیبت  کی  عادت چھڑا  یاالہٰی!                                                                    بُری  بیٹھکوں  سے  بچا  یاالہٰی!

    ہو بیزار  دل تہمتوں  چغلیوں سے                                                          مجھے   نیک   بندہ   بنا   یاالہٰی!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

قطبِ مدينه ڏاڙهي رکرائي

پيارا اسلامي ڀائرو! سيدي قطبِ مدينه رحمة الله عليه جي پيارن پيارن اوصاف مان هڪ وصف هي به آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه موقعي جي اعتبار سان نيڪي جي دعوت ڏيندا رهندا هئا، ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ، گناھن کان منع ڪرڻ، سندن روزانو جو معمول هو.

عارف قادري ضيائي سندن مُريد آهن، چون ٿا: هڪ ڏينهن مان سيدي قطبِ مدينه رحمة الله عليه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، سندن هڪ حديثِ پاڪ ٻڌائيندي فرمايائون: هڪ دفعي 2 شخص حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. جڏهن نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي انهن جي اطلاع ملي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاقات جي لاءِ گهران ٻاهر تشريف وٺي آيا. انهن جون ڏاڙهيون ڪٽيل هيون ۽ مُڇون وڏيون وڏيون هيون، ڏسندي ئي چهرو مبارڪ ڦيري ورتائون ڇاڪاڻ ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي انهن کي ڏسڻ سان نفرت ٿي رهي هئي. ٻيو ڀيرو انهن جي التجاء تي چهرو مبارڪ انهن ڏانهن ڪندي ئي وري ڦيري ورتائون، ٽيون ڀيرو جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن ڏانهن توجھ فرمائي ته هٿ مبارڪ سان انهن جي چهرن ڏانهن اشارو ڪيو ۽ فرمايائون: وَيْلَكُمَا مِن أَمْرِ كُمَا بِهَذا توهان جو بُرو ٿئي، ڪنهن توهان کي هي ڪرڻ (يعني ڏاڙهي ڪٽائڻ ۽ مڇون وڌائڻ) جو حڪم ڏنو آهي؟ انهن چيو: ڪِسريٰ (نالي اسان جي بادشاھ). رسولِ پاڪ، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: لٰکِنْ رَبِّی اَمَرَنِی بِاِعْفَاءِ لِحْیَتِیْ وَ قَصِّ شَوَارِبِیْ يعني منهنجي رب مونکي ڏاڙهي وڌائڻ ۽ مُڇون ننڍيون ڪرڻ جو حڪم ڏنو