Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

پنهنجي ڪامل پير ۽ مُرشد جا اوصاف بيان ڪندي لکن ٿا:*سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ علم و عمل جا پيڪر هئا،*پاڻ پنهنجي گهران روانا ٿيا ۽ بغداد کان گذرندي مديني شريف پهتا، هن سفر ۾ پاڻ ڪيئي امتحانن کي منهن ڏنو، اهي اهڙا سخت امتحانَ هئا جو انهن تي صبر ڪرڻ سندن جو ئي خاصو آهي،
*سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ نهايت ئي بااخلاق ۽ ملنسار هئا، اڪثر جڏهن کين خدمت ۾ ڪو حاضر ٿيندو هو ته مرحبا! چئي ڪري استقبال فرمائيندا هئا. *سندن طبيعت ۾ سادگي ۽ عاجزي بي مثال هئي، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ فرمائن ٿا: مون ڪيئي ڀيرا ڏٺو ته جڏهن سندن خدمت ۾ دعا جي درخواست پيش ڪئي ويندي ته فرمائيندا هئا: مان ته دعا گو به آهيان ۽ دعا جَو به. يعني دعا ڪندو به آهيان ۽ توهان کان دعا جو طلبگار به آهيان. ([1])

ضیا  پیرو مُرشِد مِرے  رہنما ہیں                                                                 سُرورِ دل و جاں مِرے  دلرُبا ہیں([2])

اِستقبال جو پيارو انداز

  پيارا اسلامي ڀائرو! مرحبا جي معني آهي: اوهان جو اچڻ وسعت وارو آهي، يعني توهان اسان وٽ تشريف وٺي آيا، اوهان جي لاءِ اسان وٽ گهڻي گنجائش ۽ ڪُشادگي آهي. اردو ۾ ان جي لاءِ خوش آمديد چوندا آهن ۽ انگلش ۾
Well Come چوندا آهن. هي ڪنهن جي استقبال جي لاءِ نهايت ئي پيارو انداز آهي، اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو عام معمول هو ته پاڻ مرحبا چئي ڪري اچڻ واري جو استقبال فرمائيندا هئا، عام طور تي جڏهن مختلف قبيلن مان ماڻهو خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جو سهڻي طريقي سان استقبال فرمائيندا ۽ مرحبا چوندا هئا، هڪ ڀيري دَوۡس قبيلي جا 400 ماڻهو خدمت ۾ حاضر ٿيا، پاڻ ڪريمنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 


 

 



[1]...سیدی قطبِ مدینہ، صفحہ:8-10 ملتقطاً بتصرف۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:306 ۔