Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

چهري واري سِرَ هٽائي وئي ته هي ڏسي ڪري ماڻهن جون دانهون نڪري ويون ته هاڻي جنهن نوجوان کي دفن ڪيو ويو هو ان جي چهري تي ڪاري ڏاڙهي بڻيل آهي ۽ اها ڏاڙهي ڪارن وارن جي نه بلڪه ڪاري وڇُن جي آهي. هي ڊيڄاريندڙ منظر ڏسي ڪري ماڻهو استغفار پڙهڻ لڳا ۽ جيئن تيئن قبر بند ڪري خوف زدھ ٿي ڪري موٽي ويا. ([1])

    اَلْاَمَان وَالْحَفِیظ! الله پاڪ اسان کي خوفناڪ انجام کان محفوظ فرمائي.اٰمِیْن ِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

سرکار کا عاشق بھی کیا داڑھی منڈواتا ہے              کیوں عشق کا چہرے سے اظہار نہیں ہوتا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

غائبانه هستين جي آمد

حضور سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تي وصال کان 2 مهينا پهريان ڪجھ عجيب ڪيفيت طاري هئي، ڪڏهن ڪڏهن باربار فرمائيندا هئا: اچو! منهنجا سائين! تشريف وٺي اچو! هڪ ڀيري حاضرين ڏٺو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هٿ ٻڌي ڪري ڪنهن کي عرض ڪري رهيا آهن: مونکي معاف فرمائي ڇڏيو! ڪمزوري جي ڪري مان تعظيم جي لاءِ اٿي نه ٿو سگهان. حاضرين جي پڇڻ تي فرمايائون: هاڻي حضرت خضر عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم، حضور سرڪارِ بغداد غوثِ اعظم رحمة الله عليه ۽ منهنجا پير و مرشد امام احمد رضا خان رحمة الله عليه تشريف وٺي آيا هئا. ([2])

وصال شريف ۽ ملائڪن جو جنازو


 

 



[1]...    کالے بچھو، صفحہ:1-2۔

[2]...    سیدی قطبِ مدینہ، صفحہ:16، 17۔