Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

ٻڌڻي، يقين ڪيو! اسان غيبت ٻڌڻ ڇڏي ڏيون ته ڪرڻ وارا ڪرڻ ڇڏي ڏيندا. حديثِ پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ جي سڀ کان آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گانو ڳائڻ ۽ گانو ٻڌڻ کان، غيبت ڪرڻ ۽ غيبت ٻڌڻ کان ۽ چغلي ڪرڻ ۽ چغلي ٻڌڻ کان منع فرمايو. ([1])

    علامه مَناوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: غيبت ٻڌڻ وارو به غيبت ڪرڻ وارن مان هڪ هوندو آهي. ([2])

غيبت ۾ شريڪ ٿيڻ جا مختلف انداز

افسوس! جيئن اسان وٽ غيبت عام آهي، اهڙي طرح غيبت ٻڌڻ وارن ۽ ان ۾ شريڪ ٿي ڪري گناھگار ٿيڻ وارن جي به گهٽتائي نه آهي غيبت ٻڌي ڪري خوش ٿيڻ * ٽهڪ ڏيڻ * انهن ڏانهن توجھ سان ڪن لڳائڻ * دلچسپي سان ٻڌڻ * دلچسپي سان ها، هون وغيره آواز ڪڍڻ اسان وٽ عام آهي، ان سان غيبت ڪرڻ واري کي حوصلو ملندو آهي ۽ اهو وڌيڪ غيبت ڪرڻ لڳندو آهي. امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکيو آهي: غيبت جي گناھ ۾ ائين شريڪ ٿيڻ به غيبت آهي، هي به ائين ئي گناھ آهي جيئن خود غيبت ڪرڻ گناھ آهي. ([3])

پيارا اسلامي ڀائرو! غيبت ۽ ان جا مختلف احڪام ڄاڻڻ جي لاءِ شيخِ طريقت اَمِيرِ اهلسنّت، حضرتِ علّامه مولانا محمد الياس عطّار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي تمام پياري ڪتاب ”غيبت جون تباهه ڪاريون“ مڪتبة المدينه کان حاصل ڪيو يا دعوت اسلامي جي ويب سائٽ تان ڊائون لوڊ ڪيو، پاڻ به مطالعو ڪيو ۽ ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريو. الله پاڪ اسان کي غيبت جي گناهه کان محفوظ فرمائي. اٰمین بِجاہِ خاتَمِ النَّبیِّین صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم  


 

 



[1]... جامع صغیر، صفحہ:560، حدیث:9378۔

[2]... فیضُ القدیر ، جلد:3، صفحہ:612، زیرِ حدیث:3969۔

[3]... احیاء  علوم الدین، کتاب اٰفات اللسان، الافۃ الخامسۃعشرۃ الغیبۃ، جلد:3، صفحہ:180 ماخوذاً۔