Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

هتي ڪيئن اچي وئين؟ ان نوجوان جواب ڏنو: دعوت اسلامي جي مدني قافلي سان گڏ آيو آهيان، الله جو وڏو ڪرم ٿيو آهي، منهنجي ماءُ کي چئجانءِ ته منهنجو غم نه ڪري مان هتي نهايت ئي سڪون سان آهيان.

لوٹنے رحمتیں   قافلے میں   چلو                                                                          سیکھنے سنتیں   قافلے میں   چلو

پاؤگے بخششیں   قافلے میں   چلو                                                                     جنّتیں   بھی ملیں، قافلے میں   چلو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

قرآن ٽيچر موبائل ايپليڪيشن

اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالوجي جو دور آهي. اَلحَمۡدُلله! قرآن ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، ان جو نالو آهي قرآن ٽيچر (Quran Teacher) *هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي درسِ نظامي، فيضانِ نماز ڪورس ۽ زڪوات ڪورس جهڙن بي شمار آن لائن ڪورسن جي رجسٽريشن ڪرائي سگهجي ٿي*سٽوڊنٽ پورٽل (Student Portal) ۾ پنهنجي آن لائن ڪلاس جي باري ۾ خبروار رهي سگهن ٿا:*دعوتِ اسلامي جي هن پليٽ فارم تي تقريبًا 45 کان وڌيڪ ديني ڪورس ڪرايا ويندا آهن*هي ايپليڪيشن آن لائن ٿيڻ وارن ڪورسز جي باري ۾ به معلومات فراهم ڪندي آهي اوهان به پنهنجي مرضي جي مطابق ڪنهن به ڪورس جو انتخاب ڪري سگهو ٿا ۽ بنا ڪنهن مُشڪل جي آن لائن قرآن سکڻ جي لاءِ داخلا وٺي سگهو ٿا. هن ايپليڪيشن کي ڊاؤن لوڊ ڪري پاڻ به فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ڪجھ ضروري اعلانات