Qutb e Madina Ke Aala Osaf

Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

اِستقبال ڪندي فرمايو: مرْحَبًا اَحْسَنُ النَّاسِ وُجُوْہًا وَ اَطْیَبُہُمْ اَفْوَاھًا وَ اَعْظَمُہُمْ اَمَانَۃً خوش آمديد...!! ڪيترن سهڻن چهرن وارا، پاڪيزه واتَن وارا ۽ امانتداري ۾ نهايت عظمت وارا ماڻهو آيا آهن. ([1])

حضرت اُمِّ هاني رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيون: هڪ ڀيري مان بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيَس، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَرْحَبًا بِاُمِّ ہَانِی يعني اُمِّ هاني کي خوش آمديد...!! ([2])

اچڻ واري کي چادر عطا فرمائي

    حضرت جَرير بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ صحابيءِ رسول آهن، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  هڪ ڀيري سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيا، ان وقت پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي مبارڪ حُجري ۾ تشريف فرما هئا، ڪيئي صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم به حاضر هئا، ايستائين جو حُجرو مبارڪ ڀرجي ويو، وڌيڪ ڪنهن جي ويهڻ جي جڳھ باقي نه هئي، حضرت جرير بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  به اچي ويا، جڳھ ته هئي ڪونه، تنهنڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه دروازي تي ئي ويهي رهيا، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ان کي ڏٺو ته ڪرم جو دريا جوش ۾ آيو، (الله! الله! حَضرت جرير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي قسمت جاڳي پئي)، پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن پنهنجي چادر مبارڪ ويڙهي ڪري حضرت جرير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ڏانهن اڇلائي فرمايائون: اي جرير! هيءَ چادر وڇائي هن تي ويهي رهو...! ([3])

واھ! سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته اخلاق آهن، ڇا ته ڪرم وارو انداز آهي، صحابي آهن


 

 



[1]... معجم کبیر، جلد:6، صفحہ:136، 137، حدیث:12774۔

[2]...بخاری، کتاب الصلاۃ، باب الصلاۃ فی الثوب الواحد ملتحفا بہ، صفحہ:163، حدیث:357۔

[3]...معجم اوسط، جلد:4، صفحہ:75، حدیث:5261۔