Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

کائيندو آهيان.([1])سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ وفات جي آخري ڏينهن ۾ ڪجھ به نه کائيندا هئا جڏهن هي عرض ڪيو ويندو هو ته کير ۽ ماکي نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نهايت پسند هئا. ته فرمائيندا هئا: اڇا: کڻي اچو، پوءِ چند ڍڪَ نوش فرمائيندا هئا. ([2]) جڏهن ڪو مديني پاڪ ۾ فوت ٿيندو هو ۽ سندن اطلاع ڏنو ويندو هو ته حضرت فلاڻي جو انتقال ٿي ويو آهي انهن کي بقيع ۾ دفنايو ويو آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه يڪدم هٿ کڻندا ۽ مرڻ واري جي لاءِ دعا ڪندا ۽ فرمائيندا هئا الله پاڪ اسان کي به ان سان ملائي ڇڏي. ([3])

غرقِ عشق مصطفےٰ، قطبِ مدینہ طیبہ       فیض کا اِک سلسلہ، قطبِ مدینہ طیبہ

محفلِ نعت ان کے ہاں ہر روز ہوتی منعقد     مہتمم ہوتے سدا، قطبِ مدینہ طیبہ

ساکنِ شہر مدینہ، مرکزِ مہر و وَفا                                                                 مصدرِ حلم  و حیا، قطبِ مدینہ طیبہ([4])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

قُطبِ مدينه راز سڃاڻي ورتو

هڪ ڀيري سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ وٽ ميلاد شريف جي محفل هئي، حيدرآباد (هند) جا هڪ مشهور شاعر مرزا شڪور بيگ به حاضر هئا، انھن پنھنجي ئي لکيل هڪ نعت شريف پڙهي، ان جي آخري شعر جو مفهوم ڪجھ هن طرح هيو: مرزا ۾ ڪجھ خوبي ته آهي، جنهن جي وجھ سان سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر سال هن کي مديني گهرائي وٺندا آهن.

مرزا صاحب هيءَ نعت پڙهي، وقت گذري ويو، هاڻي الله جو ڪرڻ ڪجھ


 

 



[1]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری،جلد:1، صفحہ:610۔

[2]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری،جلد:2، صفحہ:241۔

[3]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری،جلد:1، صفحہ:616۔

[4]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری،ج 1،ص534ماخوذا