Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

نه ...!! هليا وڃو! والده جو حڪم مڃو! اِنْ شَآءَ اللہُ! توهان مديني پاڪ ايندؤ ۽ هتي ئي رهندؤ.

عارف صاحب چون ٿا: مدينو پاڪ ڇڏڻ تي دل نه چاهي رهي هئي، پوءِ به امڙ جو حڪم ۽ پير صاحب جي ارشاد تي نه چاهيندي به مان پاڪستان واپس اچي ويس. الحمدلله! ڪجھ ئي عرصي کان بعد ڪرم ٿيو: پير صاحب جي دعا رنگ لاتو، ڪريم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ احسان فرمايو ۽ منهنجي لاءِ مديني پاڪ ۾ مستقل رهڻ جا اسباب بڻجي ويا.)[1] (

عاشقِ مصطَفٰے، ضِیاءُ الدِّین                                                                                        زاہِد و پارسا، ضِیاءُ الدِّین

جامِ عشقِ نبی پِلا کے مجھے                                                                                             مست وبے خود بنا، ضِیاءُ الدِّین

موت آئے مجھے مدینے میں                                                                              کردو حق سے دعا، ضِیاءُ الدِّین

مجھ کو دیدو بقیعِ غَرقَد میں                                                                                                      اپنے قدموں   میں   جا،  ضِیاءُ الدِّین ([2])

جناب مسعود احمد جي لاءِ بشارت

جناب مسعود احمد قادري ضِيائي رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ به سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جا مُريد هئا، سندن سان به اهڙو ئي واقعو پيش آيو، چون ٿا: مان ٻيو ڀيرو حج جي لاءِ حاضر ٿيس، حج کان بعد مديني پاڪ حاضري ٿي، منهنجو ارادو هو ته بس هاڻي هميشه جي لاءِ مديني پاڪ ۾ ئي رهان. جيئن ته گهران نڪرندي ئي امڙ سائڻ کان اجازت وٺي ڇڏي هئي، مون مديني پاڪ پهچي ڪم ڪار به ڳولي ورتو ۽ مديني ۾ ئي رهڻ لڳس. ڪجھ عرصي کان بعد امڙ سائڻ جو خط آيو، انهن حڪم ڏنو ته پٽ! پاڪستان واپس موٽي اچو! مونکي پريشاني ٿي، روزانو رات جو عشاء کان بعد پير صاحب سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جي خدمت ۾ حاضري ٿيندي هئي، مون مسئلو عرض ڪيو، فرمايائون: پٽَ! جلدي


 

 



[1]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری ، جلد:1، صفحہ:756، 757 ملخصاً۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:562، 563 ملتقطاً۔