Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

رهيا آهن، الله پاڪ انهن سڀني جون قربانيون پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي ۽ جيڪي قرباني جي طاقت نه ٿا رکن ۽ دل ۾ حسرت اٿن، الله پاڪ انهن کي به طاقت نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

پُٽَ! والده جي ڳالھ مڃ ...!!

محمد عارف قادري ضيائي سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جا مُريد آهن. فرمائن ٿا: 1974ء جي ڳالھ آهي مون مديني پاڪ ۾ مستقل رهائش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مديني پاڪ ۾ ڪاروبار جو به هڪ ذريعو بڻجي ويو. رڳو والده محترمه کان اجازت وٺڻ باقي هئي، جيئن ته مديني پاڪ کان والده کي خط لکيم ۽ اجازت گهريم پر والده محترمه اجازت نه ڏني ۽ فرمايائون: پاڪستان واپس اچي وڃ! گڏوگڏ منهنجي امڙ سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جي خدمت ۾ به خط موڪليو، انهن کي به درخواست ڪيائون ته عارف جي جُدائي مون کان برداشت نه ٿيندي، مهرباني فرمائي ڪري انهن کي واپس موڪليندا!

عارف قادري صاحب فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن، رات جي وقت مان سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ( روزانو رات جو جيڪا محفلِ ميلاد ٿيندي هئي، ان ۾ شرڪت ڪئي)، محفل ختم ٿيڻ کان بعد جڏهن سڀ هليا ويا ته سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جن فرمايو: عارف پٽَ! اوهان جي گهران خط آيو آهي، اهو پڙهي وٺو! هي چئي ڪري سندن خط مونکي ڏنائون، مون پڙهي ڪري خاموشي سان رکي ڇڏيو. فرمايائون: پٽ! خط پڙهي ڇڏيو؟ مون چيو: جي پڙهي ڇڏيو. فرمايائون: ڇا ارادو آهي؟ عرض ڪيم: مان مديني پاڪ ۾ ئي رهڻ چاهيان ٿو. امڙ کي به ڪجھ ڏينهن ۾ صبر اچي ئي ويندو. سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جن فرمايو: پٽ! والده جي ڳالھ مڃيو! هن ۾ توهان جي لاءِ برڪت آهي. مون وري عرض ڪيو: اوهان ڪرم فرمايو! مان مدينو ڇڏي ڪري نه ٿو وڃڻ چاهيان. هاڻي سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ ٿورو جلال ۾ اچي ڪري فرمايو: