Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

هن طرح ٿيو جو اهي ئي مرزا شڪور صاحب جيڪي هر سال حاضر ٿيندا هئا، هاڻي 2، 3 سال گذري ويا، حاضري جو ڪو سبب نه بڻجي سگهيو، ڏاڍا پريشان ٿيا، حاضري کان محروم ڇو آهيان، ڪا سمجھ نه اچي رهي هئي، آخر قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جي خدمت ۾ پيغام موڪلي ڪري عرض ڪيائون: سائين! ڏاڍو بيقرار آهيان، دعا فرمايو! حاضري ٿي وڃي!

 سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ ته الله پاڪ جا ڪامل ولي آهن، الله پاڪ جا ڪامل ولي انهن رازن کي به سمجهندا آهن، جن ڏانهن عام ماڻهن جي توجھ به ناهي ويندي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مرزا صاحب کي انهيءَ شعر جي طرف توجھ ڏياري. هاڻي مرزا صاحب کي معلوم ٿيو ته مون چيو هو: مان هر سال مديني ايندو آهيان، هي منهنجو ڪمال آهي. انهن هن کان توبھ ڪئي. الله پاڪ جو ڪرم ڏسو! ايندڙ سال وري حاضري جي سعادت ملي وئي.

   هن ڀيري مرزا صاحب سيدي قُطبِ مدينه رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، نعت شريف پڙهي ۽ ان جي آخري شعر ۾ چيائين:

ہر سال بُلانے میں ہے راز یہی مِرْزا              سرکار جگاتے ہیں تقدیر کمینے کی([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

عاجزي اختيار ڪريو!

پيارا اسلامي ڀائرو! هي نهايت سمجهڻ واري ڳالھ آهي، ٻٽاڪَ(ڊاڙيون) هڻڻ ڪڏهن ڪڏهن ڳچي ۾ پئجي ويندو آهي، ڪنهن عاشق چيو آهي:

اُچّے بَول نہ بَوْل ظُہُوری، ربّ دے بندے کِہْہ گئے نے

نِیْوِیں پا کر ٹُرْدِیَاں رہنا چَنْگا لگدا اے

وضاحت: يعني اي ظهوري الله پاڪ جا نيڪ ٻانها چئي ويا آهن ته


 

 



[1]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری،جلد:1، صفحہ:619۔