Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

ممڪن ٿي سگهي، روزانو پنهنجي مٿان لازم ڪري ڇڏيو! ۽ درود شريف ته هر مسلمان کي پيارو ۽ مومن جي ايمان جي جان آهي، هر وقت دُرود و سلام عرض ڪندا رهو! ۽ دلائلُ الخيرات شريف مان جيتري قدر ٿي سگهي روزانو پڙهي وٺندا ڪيو! ([1])

دلائلُ الخيرات شريف دُرودِ پاڪ جو نهايت ئي پيارو ڪتاب آهي، هن ۾ ڪيئي دُرودِ پاڪ لکيل آهن، ۽ هي ڪتاب پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ مقبول آهي، هن کي پڙهڻ جون کوڙ برڪتون آهن. شجرهءِ عاليه، قادريه، رضويه، عطاريه جي وِردن ۾ به دلائلُ الخيرات جو وظيفو شامل آهي. ڪوشش فرمائي روزانو دلائلُ الخيرات جو وظيفو پڙهڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ! کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ اسان کي هن جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

زُبان و قَلب کی عظمت،  دُرودِ پاک سے ہے                    ہر ایک غم میں حفاظت، دُرودِ پاک سے ہے

دعائیں ہوتی ہیں مَقْبُول،  اس وسیلے سے                                        خُدا کی خاص عنایت، دُرودِ پاک سے ہے

خُدا کے بعد مُحَمَّد کا نام لیتے رہو                                                                                 ہر ایک کام میں برکت، دُرودِ پاک سے ہے

دُرودِ پاک ہی خَاکِیؔ کا کل اَثاثہ ہے                                                                         یہ ساری دولت و ثروت، دُرودِ پاک سے ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي:  اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([2])


 

 



[1]... سیدی ضیاء الدین احمدالقادری ، جلد:1، صفحہ:645۔

[2]...بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔