Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

يعني ناڪامين جو سبب صرف هيءُ ئي ناهي ته*مهانگائي گهڻي آهي*روزگار ناهي*ڪردار بگڙجي ويا*وڏن جو احترام نه رهيو*ننڍن تي شفقت نه رهي*غريب جي خبر نه رهي*پنهنجن جو احساس نه رهيو*نماز، روزي جو فڪر نه رهيو*الله ۽ رسول جي احڪامن تي توجھ نه رهي، هي به اسان جي ناڪامين جا اسباب آهن، هنن تي به غور ڪرڻ گهرجي.   

  چوڻ جو مقصد هي آهي ته جڏهن ڪا پريشاني اچي، ڪا مشڪل اچي، ڪنهن ڪم ۾ ناڪامي اچي رهي هجي ته ان جي حل لاءِ سٺي تشخيص ڪريو، مسئلي جي پاڙ تائين پهچو، جڏهن ڊاڪٽر سٺي تشخيص ڪري وٺندو آهي ته دوا اثر ڪندي آهي. تنهنڪري مشڪلات، مصيبت، ناڪامي وغيره جي اندروني سببن تي غور ڪرڻ جي عادت اختيار ڪريو! ان سان اسان معاملي جي پاڙ تائين پهچي سگهنداسين، جڏهن معاملي جي پاڙ تائين پهچي وينداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جو حل به نڪري ايندو.

هڪ دفعي پير مِهر علي شاهه صاحب رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ سفر ۾ هئا ته مغرب جي نماز جو وقت ٿيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايائون: سج غروب ٿي رهيو آهي، نماز ادا ڪئي وڃي. ڊرائيور عرض ڪيو: اسان جلد ئي فلاڻي جاءِ تي پهچي وينداسين، تنهنڪري اسان کي اتي نماز پڙهڻ گهرجي (ڇاڪاڻ ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سفر ۾ هئا، جماعت واجب نه هئي، تنهنڪري) سندن خاموش رهيا. ڪجھ اڳتي هليا ته اوچتو گاڏي اونڌي ٿي پئي. الحمدلله! ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، پر معمولي زخمي ٿيا. ان موقعي تي پير مِهر علي شاهه صاحب رحمة الله عليه فرمايو: مون نماز ۾ بغير ڪنهن سبب جي دير ڪئي، هيءَ تڪليف انهيءَ سبب جي ڪري آهي. ([1])

ناڪامين، بي برڪتن، پريشانين جا هي به اسباب هوندا آهن، جن تي اسان توجھ ناهيون ڪندا. الله پاڪ اسان کي سوچڻ سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن


 

 



[1]... مہر ِمنیر، صفحہ :325۔