Book Name:Qutb e Madina Ke Aala Osaf

اي عاشقانِ رسول!  سٺي نيت افضل ترين عمل آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪيو نگاهون هيٺ ڪري بيان ٻڌندس، علمِ دين جي تعظيم جي نيت سان جيتري دير ٿي سگهيو گوڏن ڀر يعني التَّحِيَّات ۾ ويهڻ جيان ويهندس، ضرورتًا سرڪي ٻين جي لاءِ جاءِ ڪشادي ڪندس، ڌڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي مسلمانن کي سلام ڪندس، هٿ ملائيندس ۽ انفرادي ڪوشش ڪري نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪندس. اِنْ شَآءَ اللہُ!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! الحمد الله! قرباني جا ڏينهن ويجهو آهن هر پاسي سنتِ ابراهيمي جا چرچا آهن، خوش نصيب ماڻهو الله پاڪ جي خليل حضرت ابراهيم عَلَیْہِ السَّلَام جي سنت کي ادا ڪرڻ جي لاءِ مال خرچ ڪري خوبصورت کان خوبصورت جانور خريدي رهيا آهن، گهٽين ۾ جانورن کي گهمايو پيو وڃي. الله پاڪ اسان سڀني کي قرباني جي توفيق نصيب فرمائي. حضرت زيد بن اَرقم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هي قربانيون ڇا آهن؟ پياري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: سُنَّۃُ اَبِیْکُمْ اِبْرَاہِیْم يعني توهان جي والد ابراهيم عَلَیْہِ السَّلَام جي سنّت. صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم پڇيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هن ۾ اسان جي لاءِ ڇا آهي؟ فرمايائون: بِکُلِّ شَعْرَۃٍ حَسَنَۃٌ يعني قرباني جي هر وار جي بدلي توهان جي لاءِ هڪ نيڪي آهي. ([1])

جو خُدا کے لئے قربانی کیا کرتے ہیں                                  در اَصْل خُلْد کے حقدار ہُوا کرتے ہیں

جيڪي خوش نصيب عاشقانِ رسول هن سال قرباني جي سعادت حاصل ڪري


 

 



[1]...ابن ماجہ، کتاب  الاضاحی، باب ثواب الاضحیۃ، صفحہ:510، حدیث:3127۔